Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

وَ لَقَدْ وَصَّیْنَا الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ وَ اِیَّاكُمْ اَنِ اتَّقُوا اللّٰهَؕ   (پ5،النساء:131 )

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ اسان تاڪيد فرمائي ڇڏي آهي انهن کي جن کي توهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنا ويا ۽ توهان کي به، ته الله کان ڊڄو .

اهڙي طرح سيپاري 22،سوره احزاب آيت نمبر 70 ۾ ارشاد خداوندي آهي :

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ قُوْلُوْا قَوْلًا سَدِیْدًاۙ(۷۰) (پ22،الا حزاب: 70)        

ترجموڪنزالايمان؛ اي ايمان وارو! اللہ کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھه چئو.

سيپاري 4 سوره آلِ عمران آيت نمبر 175 ۾ اِرشاد آهي:

وَ خَافُوْنِ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ(۱۷۵)(پ 4، اٰل عمران: 175)

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ مون کان ڊڄو جيڪڏهن ايمان وارا آهيو.

ڳوڙها ڪٿي ڳاڙيون؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ايمان جي تقاضن مان هڪ تقاضو خوفِ خدا به آهي۔ يقيناً فڪرِ آخرت سبب بيقرار رهڻ، عذابِ جهنم سبب اشڪبار رهڻ ۽ خوفِ خدا ۾ غرق رهڻ نهايت وڏي نعمت آهي۔ افسوس! اڄ دنيا جي غم ۾ ته لڙڪ وهائڻ واريون ته ڪيئي ملي وينديون آهن پر فڪرِ آخرت ۾ روئڻ جو جذبو گھٽ ٿيندو پيو وڃي۔ غور ته ڪريو! هن دنيا جي حيثيت ئي ڇا آهي جو ان جي لاءِ لڙڪ وهايا وڃن۔ اها دنيا ته هڪ مسافر خاني جيان آهي جنهن ۾ مسافر اچي ترسي ٿو ۽ ڪجھ ڏينهن رهڻ کان بعد موڪلائي ويندو آهي، مسافر خاني ۾ ڪجھ ڏينهن رهڻ وارو ڪڏهن به اتي وڏيون وڏيون اُميدون ناهي لڳائيندو۔ مسافر خاني ۾ ڪجھ ڏينهن رهڻ وارو ڪڏهن به اتي جي رونقن کان دل ناهي لڳائيندو۔ تنهنڪري اسان کي به دنيا جو فڪر نه ڪرڻ گھرجي ۽ نه ئي ان جي لاءِ ڳوڙها ڳاڙڻ گھرجن۔ بلڪه ٭