Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

روزو  دل جي سختي دور ڪندو آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو جنهن کي روئڻ نه اچي ان کي روئڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، ڪڏهن ڪڏهن گناهن جي شدّت ۽ دل جي سختي جي ڪري لڙڪ سڪي ويندا آهن۔ ان سختي کي دور ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته بک ۽ نفلي روزن جي ڪثرت ڪئي وڃي۔ هن سان دل نرم ٿيندي ۽ خوفِ خدا ۾ روئڻ جي سعادت حاصل ٿي سگھندي۔ زهي قسمت جو رجب جي آمد آمد آهي۔ هن مهيني جي روزن جون وڏيون برڪتون آهن۔ لهٰذا جن کان ٿي سگهي پڪي نيت ڪريو ۽ هن مهيني جا نفلي روزا رکو. هن سان نه صرف دل جي سختي دور ٿيندي بلڪ رجب جون برڪتون به نصيب ٿينديون.

 منقول آهي ته ڇهين آسمان جي دروازي تي رجب جي مهيني جا ڏينهن لکيل آهن۔ جيڪڏهن ڪو شخص رجَب ۾ هڪ روزو رکي ۽ ان کي پرهيزگاري سان پورو ڪري ته اهو دروازو ۽ اهو (روزي وارو) ڏينهن هن ٻانهي جي لاءِ الله پاڪ کان مغفِرت طلب ڪندا ۽ عرض ڪندا: ياالله! هن ٻانهي کي بخشي ڇڏ۔ جڏهن ته الله پاڪ جي حبيب، هر عيب کان پاڪ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ ذِيشان آهي: رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن روزو رکي ۽ رات جو قيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان سؤ سال جا روزا رکيا ۽ سؤ سال جي شب بيداري ڪئي، اها رجب جي 27 تاريخ آهي. (شُعَبُ الْاِيمَان، ۳/۳۷۴، حديث:۳۸۱۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

روئڻ جا طبي فائدا

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اهميت جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين۔ جديد تحقيقات مان ثابت ٿيو آهي ته روئڻ جا به ڪيئي فائدا آهن۔ اچو ڳوڙها ڳاڙڻ جا ڪجھ طبي فائدا ٻڌون ٿيون: ٭ ماهرن مطابق اهو پاڻي جيڪو لڙڪن جي صورت ۾ اکين مان نڪرندو آهي، اک مان