Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

مسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي: حضرتِ سيدُنا سلمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، پنهنجي امت جي غم ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ عظمت نشان آهي: الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش جي ڏينهن سؤ رحمتون پيدا ڪيون۔ هر رحمت زمين ۽ آسمان جي درميان هڪٻئي مٿان رکي وئي آهي۔ انهن مان هڪ رحمت زمين تي نازل ٿي۔ انهيءَ مان والده پنهنجي اولاد تي، خونخوار جانور ۽ پکي هڪ ٻئي تي مهربان ٿيندا آهن، ايستائين جو گھوڙو پنهنجو پير پنهنجي ٻچي کان پري ڪندو آهي ته ڪٿي ان کي ڌڪ نه لڳي وڃي۔ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ هن رحمت کي ٻين نوانوي (99) رحمتن ۾ ملائي سؤ مڪمل ڪندو ۽ بروزِ قيامت ان سان پنهنجي ٻانهن تي رحم فرمائيندو۔ (مسلم، ڪتاب التوبة،باب في سعة رحمة الله۔۔۔الخ،ص۱۱۲۹، حديث: ۶۹۷۷) اچو! ربِّ ڪريم جي رحمت تي مشتمل هڪ ايمان افروز روايت ۽ حڪايت ٻڌون ٿيون:

رب جون عنايتون ۽ نوازشون!

بخاري شريف ۾ آهي حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روايت ڪن ٿا ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن جڏهن الله پاڪ ٻانهن جي مقدمن کان فارغ ٿي ويندو ته هڪ ماڻهو جيڪو جنت ۽ دوزخ جي وچ ۾ (Between) رهجي ويندو اهو دوزخين مان آخري شخص هوندو جيڪو جنت ۾ ويندو۔ جنت ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ان جو منهن دوزخ ڏانهن هوندو ۽ اهو عرض ڪندو: يَا رَبِّ اصْرِفْ وَجْهِي عَنِ النَّارِ اي منهنجا پَروَردگار! منهنجو چهرو دوزخ کان ڦيري ڇڏ، مون کي ان جي بدبو ماري ڇڏيو آهي ۽ ان جي شعلن مون کي ساڙي ڇڏيو آهي۔ الله پاڪ فرمائيندو: جيڪڏهن تو سان اهو احسان ڪيو وڃي ته تون ان کان علاوه ٻيو ڪجھ نه گھرندين؟ اهو ٻانهو عرض ڪندو: لاَ وَعِزَّتِكَ تنهنجي عزت جو قسم! مان ڪجھ نه گھرندس۔ الله پاڪ ان جو چهرو دوزخ کان هٽائيندو۔ جڏهن اهو ٻانهو جنت ڏانهن چهرو ڪندو ته جنت جي شادابي ۽