Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي اَخلاق، ڪردَار ۽ گُفتَار سان اسلام جو نالو روشن ڪيائون۔ لکين ماڻهن کي پاڻ پنهنجي نوراني نگاھ سان نورِ اسلام سان منور فرمايائون۔ پاڻ پنهنجي خليفن ۽ شاگردن جي اهڙي جماعت تيار ڪئي جنهن پاڪ ۽ هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دين جو پيغام ڦهلايو۔ الله پاڪ حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمتِ دين جي صدقي اسان کي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مجلس مدني انعامات

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوت اسلامي جو مدني ماحول جتي خوف خدا جو جذبو عطا ڪندو آهي اتي اولياءِ ڪرام جي محبت ۽ عقيدت به نصيب ڪندو آهي. اوهان به هن ئي ماحول سان هردم وابسته رهو. عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي دين جي تبليغ جي لاءِ 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. انهن شعبن مان هڪ شعبو”مجلس مدني انعامات“ به آهي هن مجلس جو بنيادي مقصد اسلامي ڀينرن، ۽ جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه جي شاگردياڻين کي باعمل بڻائڻ ۽ انهن کي مدني انعامات تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ آهي. اچو! اسين به نيت ڪيون ٿيون ته نه صرف پاڻ مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديوسين بلڪ ٻين اسلامي ڀينرن کي به هن تي عمل جي ترغيب ڏيارينديوسين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: