Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قبر کي گُلِ گلزار بڻائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ سڀاڻي ٿيندڙ ندامت کان بچائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ محشر جي اُس ۽ اُڃ کان بچائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ پل صراط تي آساني جو سبب ٿي سگھن ٿا۔ مطلب ته! ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ بظاهر بيڪسي جو اظهار هوندا آهن پر درحقيقت عزتن ۽ عظمتن کي ماڻڻ جو ذريعو بڻجي سگھن ٿا۔

اولياءِ ڪرام جو خوفِ خدا ۾ روئڻ

الله پاڪ جا نيڪ ٻانها خوفِ خدا جي ڪري ڪثرت سان لڙڪ وهائيندا آهن، ڪيئي ولين سڳورن جي باري ۾ منقول آهي ته خوفِ خدا ۾ ڪثرت سان روئڻ سبب انهن جو نور ختم ٿي ويو پر انهن روئڻ نه ڇڏيو۔ اچو! ترغيب جي لاءِ خوفِ خدا ۾ روئڻ بابت اولياءِ ڪرام جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿيون:

حضرت سَيدُنا ابو بِشر صالح مُرّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏا نالي وارا محدث هئا۔ پاڻ زبردست مبلغ به  هئا۔ بيان جي دوران سندن جي اها ڪيفيت ٿيندي هئي جو رب جي خوف مان ڏڪندا ۽ ڪنبدا هئا ۽ ايتري قدر روئيندا هئا جيئن ڪا عورت پنهنجي سڪيلڌي ٻار جي مري وڃڻ تي روئيندي آهي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته گھڻي روئڻ ۽ بدن جي ڏڪڻ سان سندن عضون جا جوڙ پنهنجي جڳھ تان ڪنبڻ لڳندا هئا ۽ سندن جو بيان ٻڌڻ وارن تي اهڙو اثر ٿيندو هو جو ڪي ماڻهو تڙپي تڙپي بي هوش ٿي ويندا هئا ۽ ڪي انتقال ڪري ويندا هئا۔ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خوفِ خدا جو اهو عالم هو جو جيڪڏهن ڪنهن قبر کي ڏسي وٺندا هئا ته ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن حيران ۽ خاموش رهندا هئا ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا هئا۔ (اوليائے رجال الحديث ص۱۵۱،خوفِ خدا، ص۷۶)

حضرتِ عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو دستور هو هر رات عالمن کي گڏ ڪندا هئا موت، قيامت ۽ آخرت جو تذڪرو ڪندي ايترو روئيندا هئا جو ائين لڳندو هو جو ڄڻ اڳيان جنازو رکيل آهي۔ (مڪاشفةا لقلوب، ص۱۹۶)