Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته خوفِ خدا ۾ ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته عشقِ رسول ۾ ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته فڪرِ آٓخرت ۾ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته گناهن جي ڪثرت تي ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته نيڪيون نه ڪرڻ تي ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته موت جي سختين کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭  ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته غمِ مدينه ۾ ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته الله پاڪ جي خفيه تدبير جي خوف سبب ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر جي وحشتن جو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر جي اونداهي کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر جي تنگي کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قيامت جي هولناڪ مرحلن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو ته بروزِ محشر اسان پنهنجي هڪ هڪ عمل جو حساب ڪيئن ڏئي سگھنداسين؟ ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو ته سڀاڻي محشر جي گرمي ۽ تپش کي اسان ڪيئن برداشت ڪنداسين؟ ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچ ڪري ڳوڙها ڳاڙيو ته بروزِ محشر تلوار کان وڌيڪ تيز ۽ وار کان سنهي پل صراط ڪيئن پار ڪنداسين؟ ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو ته اسان جو خاتمو ايمان تي ٿيندو يا نه؟ مطلب ته! فڪرِ آخرت ۾ بيقرار ٿي ڳوڙها ڳاڙيو۔  .  

خوفِ خدا ۾ روئڻ جي عادت بڻايو

اچو! فڪرِ آخرت ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ جي ترغيب تي ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون:

فرمايائون: قيامت جي ڏينهن سڀئي اکيون روئڻ واريون هونديون پر ٽي اکيون نه روئنديون، انهن مان هڪ اها هوندي جيڪا خوفِ خدا سبب رُني هوندي۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب المواعظ،۸/۳۵۶، حديث:۴۳۳۵)