Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

خوف خدا ۾ روئڻ جي اهميت

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

 اسان جي پياري پياري ۽ هر عيب کان پاڪ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايائون: مَنْ سَرَّه اَنْ يلْقَي الله غَداً رَاضِيا ً، فَلْيکثِرِ الصَّلاة عَلَي يعني جنهن کي اهو پسند هجي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿيڻ وقت الله پاڪ ان سان راضي هجي ته ان کي گھرجي ته مون تي ڪثرت سان دُرُود شريف پڙھي۔ (فِردوسُ الاخبار ، ۲/۲۸۴، حديث ۶۰۸۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون.فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي  .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس