Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته رب تعاليٰ کان گھرڻ وارِي محروم ناهي ٿيندي، رب تعالٰي کان دعا ڪرڻ وارِي محروم ناهي رهندي۔ پر دعا جي آداب کي به پيشِ نظر رکڻ ضروري آهي۔ اچو! دعا جي اداب مان هڪ ادب ٻڌون ٿيون، مڪتبة المدينه جي ڪتاب فضائلِ دعا ۾ آهي: ڳوڙها ڳاڙڻ جي ڪوشش ڪريو توڙي جو هڪ ئي قطرو هجي ڇوته هي دعا جي قبوليت جو دليل آهي۔ (فضائلِ دعا، ص۸۱، ادب نمبر۳۳) اهڙي طرح خوفِ خدا ۾ روئڻ به تمام وڏي نعمت آهي۔ جڏهن ته خود خوفِ خدا تمام وڏي نعمت آهي، جيستائين اها عظيم دولت حاصل نه ٿئي گناهن کان بيزاري ۽ نيڪين سان پيار مشڪل آهي۔ پر جڏهن اها عظيم دولت نصيب ٿي وڃي ته نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ نهايت آسان ٿي ويندو آهي۔ اها عظيم نعمت هوندي ڇا آهي؟ خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟ اچو! هن بابت ٻڌون ٿيون، جيئن شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مايه ناز تاليف
” کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب “ صفحي 26 تي فرمائن ٿا: ”خوفِ خدا“ مان مراد هي آهي ته ”الله پاڪ جي خفيه تدبير، ان جي بي نيازي، ان جي ناراضگي، ان جي پڪڙ،ان جي طرف کان ڏنا ويندڙ عذاب، ان جي غضب ۽ ان جي نتيجي ۾ ايمان جي بربادي وغيره کان خوف زده رهڻ جو نالو ”خوفِ خدا“ آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ الله ربُّ الْعٰلَمِين مومنياڻين کي ڪيئي هنڌن تي هن پاڪيزه صفت کي اختيار ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي: جيئن سيپاري 5، سُوْرَه نِسَاء، آيت نمبر 131 ۾ ارشاد آهي: