Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat
پوي جنهن کي ڏسڻ کان شريعت منع فرمايو آهي۔ (۲) جيڪي اکيون پنهنجي ربِّ ڪريم جو جلوو ڏسڻ چاهن ٿيون، مان نٿو چاهيان ته اهي ڪنهن ٻي شيء کي به ڏسن، تنهنڪري مون مناسب خيال ڪيو ته نابين جيان ٿي وڃان ۽ جڏهن قيامت ۾ منهنجي اک کلي ته يڪدم منهنجي نظر پنهنجي ربِّ ڪريم جو ديدار ڪري۔ ان کان پوءِ پاڻ سٺ سال ظاهري حياتي سان متصف رهيا پر ڪنهن سندن کي اک کولندي نه ڏٺو۔ (خوفِ خدا، ص۴۵)
٭ حضرتِ سيدُنا داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ اچي ٿو ته هڪ ڀيري چاليھ (40) ڏينهن تائين سجدي جي حالت ۾ روئيندا رهيا ۽ الله پاڪ کان حياء جي سبب آسمان ڏانهن پنهنجو مٿو نه کنيائون۔ ايترو وڌيڪ روئڻ جي ڪري سندن عَلَيۡهِ السَّلَام جي لڙڪن سان گاھ (Grass) ڦٽي پيو ۽ ان گاھ حضرت داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي مٿي کي ڍڪي ورتو۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں، ص۱۳۵ بتغير)
٭ حضرتِ سَيدُنا ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ جڏهن نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ خدا جي سبب ايتري قَدَرگِريو و زاري ڪندا (يعني روئيندا) هئا جو هڪ مِيل جي مفاصلي تان سندن جي سيني ۾ ٿيندڙ گڙگڙاهٽ جو آواز ٻڌڻ ايندو هو۔ (اِحياءُ الْعُلوم، ۴/۲۲۶از نيکی کی دعوت، ص۲۷۳)
٭ حضرتِ سيدُنا عيسٰي رُوحُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي عادت هئي ته جڏهن ڪو نصيحت آموز واقعو ٻڌندا هئا ته اهڙي طرح روئيندا هئا جهڙي طرح ڪا عورت ٻار فوت ٿيڻ تي روئندي آهي۔ (اللّٰه والوں کی باتيں، ۵/۴۳)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”ماهوار مدني حلقو“
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو خوفِ خدا ۾ ٻڏل رهڻ ۽ خوفِ خدا ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ مرحبا۔ اسان کي به پنهنجو پاڻ ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻ