Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي ٭ جڏهن ڪو توهان جي گهر جو دروازو کڙڪائي ته سنت اها آهي ته پڇو: ڪير آهي؟ ٻاهران واري کي گهرجي ته پنهنجو نالو ٻڌائي؛ مثال طور چوي: ”محمد الياس“ نالو ٻڌائڻ جي بدران انهيءَ موقعي تي ”مدينه!“ ”آئون آهيان!“ ”دروازو کوليو“ وغيره چوڻ سنّت ناهي ٭ جواب ۾ نالو ٻڌائڻ کان پوءِ دروازي کان هٽي بيهو ته جيئن دروازو کلندي ئي گهر ۾ نظر نه پوي۔

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد