Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اَهميت بابت ٻڌنديوسين۔ خوفِ خدا ۾ روئڻ ڪيترو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو هن بابت هڪ ايمان افروز حِڪايت بيان ڪئي ويندي۔ اهو به ٻڌنديوسين ته خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟ اهو پڻ ٻڌنديوسين۔ خَوفِ خدا ۾ روئڻ جي ترغيب تي ڪجھ روايتون به بيان ڪيون وينديون۔ يقيناً خَوفِ خدا ۾ روئڻ سعادت جي ڳالھ آهي، گڏوگڏ ڳوڙها ڳاڙڻ جا طبّي فائدا به آهن، اهي به پيش ڪيا ويندا۔ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام خُوفِ خدا ۾ ڪيئن گِريه و زاري ڪندا هئا ان حوالي سان به ڪجھ واقعا بيان ٿيندا۔ الله ڪري اسان دلجمعي سان ۽ اوّل تا آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔ اچو هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿيون!

هڪ ڳوڙهو جهنم کان آزادي جو سبب  بڻجي ويو

مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”خوفِ خدا“ جي صفحي 142 تي آهي : قِيامت جي ڏينهن هڪ شَخص کي بارگاھ خداوندي ۾ آندو ويندو۔ ان کي ان جو اَعمال نامو ڏنو ويندو ته هو ان ۾ کوڙ گناھ ڏسندو۔ پوءِ عَرض ڪندو: يا اِلاهي! مون