Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

حقيقي معنٰي ۾ اِحساس ٿي وڃي، اي ڪاش! اسان جي به غفلت جو پردو کڄي وڃي۔ اي ڪاش! اسان کي به امّيدِ رحمت سان گڏوگڏ صحيح معنٰي ۾ خوفِ خدا مُيسر اچي، اي ڪاش! بُري خاتِمي جو ڊپ اسان جي دل ۾ ويهي رهي، اي ڪاش!اسان کي پنهنجي پَروَردگار جي ناراضين جو هر دم خوف رهي، اي ڪاش! سڪرات جي سختين، مَوت جي تڪليفن، پنهنجي غسلِ ميت ۽ تڪفين ۽ تدفين جي ڪيفيتن ۽ مرده حالت ۾ پنهنجي بيوسي جو احساس ٿي وڃي۔ اي ڪاش! قبر جي اونداھين ۽ وَحشتن، منڪر ۽ نڪير جي سُوالن، قَبر جي عذابن جو غم اسان کي هر وقت ستائيندو رهي۔ اي ڪاش! مَحشَر جي گرمين ۽ گھٻراهٺن، پُل صراط جي دَهشتن، بارگاه اِلاهي جي پيشين، ميدانِ قِيامت ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين جي پڇاڻي جو ۽ سڀني جي اڳيان عيب کُلڻ جي رُسوائين جو به خوف لاحق ٿي وڃي۔ اي ڪاش! جهنَّم جي خوفناڪ دانهُن، دوزخ جي هولناڪ سزائن، پنهنجي نازن سان پليل بدن جي نَزاڪتن ۽ جنّت جي عظيم نعمتن سان محرومين جو خوف اسان کي بي چين ڪندو رهي ۽ اي ڪاش! اهو خوف اسان جي لاءِ هدايت ۽ رحمت جو ذَرِيعو بڻجي وڃي۔

انبياءِ ڪرام جو خوفِ خدا سبب روئڻ

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته انبياء ڪرام عَلَيهمُ السَّلاَم اهي مقدس هستيون آهن جيڪي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ تمام مخلوق کان وڌيڪ مرتبو رکن ٿيون۔ هي اهي مقدس هستيون آهن جيڪي يقيناً يقيناً الله پاڪ جي غضب، ان جي عذاب ۽ ان جي ناراضي کان محفوظ آهن۔ ايستائين جو الله پاڪ انهن جي حفاظت جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کان گناھ ٿي ئي نٿو سگهي. (بہارِ شریعت ، جلد۱، ح۱، ص38) بلڪ انهن جو شان ته هي آهي جو جن جي سفارش هي ڪن ته الله پاڪ انهن کي به عذابِ دنيا ۽ آٓخرت کان محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي۔ هي مُقدَّس شَخصيتون گناهن کان پاڪ هئڻ ۽ الله پاڪ جي رضا جي منصب تي فائز هئڻ جي باوجود به اشڪباري ۽ آھ ۽ زاري ڪندا آهن۔ اسان جي شفاعت فرمائڻ واري آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ