Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

شريف کي گهريلو پيشانين کي دور ڪرڻ جي ارادي سان پڙهڻ شروع ڪيائين. شجري شريف پڙهڻ جي برڪت سان ان جا گهريلو جهڳڙا ختم ٿي ويا ۽ گهر امن جو گهوارو بڻجي ويو(شرح شجره قادريه رضويه ضيائيه عطاريه، ص 153)

مشکلیں حل کر شہِ مُشکل کُشا کےواسِطے                              کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

” جيڪڏهن اوهان کي به دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي ذريعي ڪا مدني برڪت ملي هجي ته آخر ۾ مدني بهار مڪتب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خوفِ خدا ۾ روئڻ جا فائدا

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اهميت بابت ٻڌي رهيون  هيوسين۔ صاف پاڻي جو اهو وصف آهي ته اهو ڪِن ڪچرو ختم ڪندو آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن هنڌ گندگي هجي ۽ پاڻي هاريو ته جتي جتي پاڻي پهچندو اهو هنڌ به صاف ٿيندو ويندو۔ خوفِ خدا ۾ نڪرندڙ لڙڪ نڪرندا ته ٻاهر آهن پر انسان جي ”اندر“ کي صاف ڪري ويندا آهن۔ اهي لڙڪ وهندا ظاهر تي آهن پر صفائي انسان جي باطن جي ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ دل جي سختي دور ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ دل جي نرمي جو سبب بڻجندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قلبي سڪون فراهم ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ گناهن جي ٻوجھ کان نجات ڏيندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ الله پاڪ جي رحمت جو اميدوار ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ جهنم کان آزادي جو سبب ٿيندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ جنت جو حقدار بڻائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قبر جي مرحلن کي آسان بڻائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ عذابِ قبر کان بچائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قبر جي تنگي ۽ وحشت کي دور ڪري سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ