Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

”گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون “سنتون ۽ آداب

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101 مدني گل‘‘ مان ” گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب“ ٻڌون ٿيون: ٭ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو: الله جي نالي سان، مون الله ڪريم تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه (گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪين ڪرڻ جي) طاقت آهي. (ابو داود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۵) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهنديون مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله ڪريم جي مدد شاملِ حال رهندي ٭ گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا؛ اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللهِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللهِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللهِ رَبِّنَا تَوَکَّلْنَا۔ ترجمو: اي الله! آئون تو کان داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڀلائي گهران ٿي، الله پاڪ جي نالي سان اسان (گهر ۾) داخل ٿياسين ۽ انهي جي نالي سان ٻاهر آياسين ۽ پنهنجي رب ڪريم تي اسان ڀروسو ڪيوسين) (ابوداود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۶) دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“ شريف پڙهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزي ۾ برڪت، ۽ گهريلو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔ ٭ جيڪڏهن اهڙي گهر (کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهي سلام جو جواب ڏيندا۔ (ردالمحتار ج 9 ص 682) يا هن ريت چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (بهارِشريعت،حصّه۶ا ص۹۶،شرح الشّفاء للقاري،۲/۱۱۸) ٭ جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿي؟ ٭ جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو، ٿي سگھي ٿو ڪنهن