Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

هي گناھ ڪيا ئي نه آهن؟ الله پاڪ اِرشاد فرمائيندو: مون وٽ هن جا مضبوط گواھ  آهن۔ اهو ٻانهو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسندو پر ڪنهن گواھ کي ڏسي نه سگھندو ۽ چوندو: يا ربّ! اهي گواھ ڪٿي آهن؟ ته الله ڪريم ان جي عضون کي شاهدي ڏيڻ جو حڪم ڏيندو۔ ڪَن چوندا:ها! اسان (حرام) ٻڌو۽ اسان هن تي گواھ آهيون۔ اکيون چونديون: ها! اسان (حرام) ڏٺو۔ زبان چوندي: ها! مون (حرام) ڳالهايو هو۔ اهڙي طرح هٿ ۽ پير چوندا: ها! اسان  (حرام ڏانهن) وڌيا هئاسين۔ وغيره وغيره

 اهو ٻانهو هي سڀ شاهديون ٻڌي حيران ٿي ويندو۔ پوءِ جڏهن الله پاڪ ان جي لاءِ جهنم ۾ وڃڻ جو حڪم فرمائيندو ته ان شخص جي ساڄي اک جو هڪ وار ربِّ ڪريم کي ڪجھ عرض ڪرڻ جي اجازت گھرندو ۽ اجازت ملڻ تي عرض ڪندو: اِلاهي! ڇا تو اهو نه فرمايو هو ته منهنجو جيڪو ٻانهو پنهنجي اک جي ڪنهن وار کي منهنجي خَوف مان آلو ڪندو، مان ان جي بخشش ڪندس؟ الله پاڪ اِرشاد فرمائيندو: ڇو نه! پوءِ اهو وار عرض ڪندو: مان شاهدي ڏيان ٿو ته تنهنجو اهو گناهگار ٻانهو تنهنجي خَوف سبب رُنو هو جنهن سان مان آلو ٿي پيو هئس۔ اهو ٻڌي الله پاڪ هن ٻانهي کي جنت ۾ وڃڻ جو حڪم فرمائيندو۔ هڪ منادي سڏي چوندو: ٻڌو! فُلاڻو پٽ فُلاڻي جو پنهنجي اک جي هڪ وار جي ڪري جَهنَّم کان نجات ماڻي ويو۔

(درة الناصحين ،المجلس الخامس والستون ،ص۲۵۳)

جَلا دے نہ نارِ جہنّم، کرم ہو                                   پئے بادشاہِ اُمَم یاالٰہی!

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے                               ہو مجھ ناتُواں پر کرم یاالٰہی!

تُو عطّؔار کو بے سبب بخش مَولیٰ                              کرم کر کرم کر کرم یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش مرمم،ص:۱۱۰،۱۱۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد