Book Name:Be Misal Auratain

          انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت سوده بنتِ زمعه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن جن کي الله پاڪ سخاوت جهڙي عظيم نعمت سان نوازيو هو، سندن سخاوت جو عالم اهو هو جو هڪ ڀيري انهن وٽ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي طرفان درهمن سان ڀريل ڳوٿري آئي ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها تمام درهم راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيا۔ (الطبقات الکبریٰ ،ذکر ازواج ...الخ،۴۱۲۷،سودہ بنت زمعہ،۸/۴۵)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت بي بي عائشه صديقه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، جيڪي مُفتيه بڻيون، مُحدثه بڻيون، عالمه بڻيون، مُفسره بڻيون، طيبه طاهره، عابده زاهده، مطلب ته! اهو ڪهڙو وصف آهي جيڪو سندن ذات ۾ نه هو، انهن جو مقام ته اهو آهي جو الله پاڪ انهن جي پاڪ دامني قرآنِ پاڪ ۾ بيان ڪندي سورهءِ نور جون 18 آيتون نازل فرمايون۔

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت حفصه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن جيڪي گھڻيون سخي هيون، اڪثر روزي سان رهنديون هيون ۽ تلاوتِ قرآن پاڪ ۽ ٻين عبادتن ۾ مصروف رهنديون هيون، علم فقه و علم حديث جون پڻ ماهر هيون۔ (جنتی زیور،ص ۴۸۴۔۴۸۵)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت زينب بنتِ خُزيمه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، جيڪي فقراء و مساڪين تي خصوصي شفقت ڪنديون هيون ۽ انهن تي خوب خرچ ڪنديون هيون۔ ايستائين جو زمانه جاهليت ۾ به پاڻ کي امُّ المساڪين جي نالي سان سڏيو ويندو هو۔ (امہات المؤمنین،ص۳۸)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت اُمِّ سلمه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، جن جي علم دين ۾ مهارت جو حال اهو هو جو فقهاء يعني شرعي احڪام و قوانين جي ماهر صحابيات ۾ سندن شمار ٿيندو هو۔

(سیر اعلام النبلاء، ۲۰،ام سلمۃ ام المومنین، ۲/۲۰۳)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت زينب بنتِ جحش رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، انهن جي خشوع و خضوع جو حال اهو هو جو رسول اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي خشوع و