Book Name:Be Misal Auratain

زندگي الله ڪريم جي اطاعت و فرمانبرداري ڪنديون رهيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي مخلوق کي ڇڏي خالق جي پيروي ڪنديون رهيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي سيرت و ڪردار ۾ به بي مثال هيون ۽ زهد و تقويٰ ۾ به بي مثال هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي الله ڪريم سان محبت ڪنديون هيون ۽ ان جي رسول عَلَيه السَّلَام سان به محبت ڪنديون هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي نه زيب و زينت ۾ مصروف رهنديون هيون ۽ نه مال و دولت جي پويان وينديون هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جن پنهنجي ڪردار سان سڄي امت کي درس ڏنو ته عورتن جي زندگي ڪهڙي هئڻ گھرجي۔ * هي آهن اهي بي مثال عورتون جن اهو ثابت ڪيو ته عورتون دين جي ترويج و اشاعت ۾ به حصو وٺي سگھن ٿيون۔ * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي هن امت جي اسلامي ڀينرن جي لاءِ رول ماڊل بڻيون آهن، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جن کي ڏسي اسان چئي سگھون ٿا ته اڄ جي عورتن کي اهڙو هئڻ گھرجي، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جن پنهنجي ڪردار سان ٻڌايو ته هڪ عورت کي زال جي صورت ۾ ڪهڙو هئڻ گھرجي، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جن پنهنجي ڪردار سان ٻڌايو ته هڪ عورت جو ماءُ جي صورت ۾ ڪهڙو ڪردار هئڻ گھرجي۔ * هي آهن اهي بي مثال عورتون جن پنهنجي ڪردار سان ٻڌايو ته هڪ عورت کي ڌيء جي صورت ۾ ڪهڙو هئڻ گھرجي؟ اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري ۾ موجود عورتن جي احوال جو جائزو وٺون ته اندازو ٿيندو ته اڄ جون عورتون انهن بي مثال عورتن جي سيرت کي وساري چڪيون آهن، اڄ جون عورتون اڳوڻين بي مثال عورتن جي ڪردار کان منهن موڙي چڪيون آهن۔ افسوس! اڄ جي هن پُرفتن دور ۾ جڏهن عورتن کي مختلف انداز سان بي حيائي، بي راه روي، بي پردگي، عرياني، نمود و نمائش ۽  هن طرح جي ٻين ڪمن تي اڀاريو وڃي پيو ۽ ڪجھ نادان انهن ڏانهن مائل به ٿي رهيون آهن، اچو! پهريان جي بي مثال عورتن مان هڪ ٻي بي مثال خاتون عابده، زاهده ۽ وَلِيه جو بي مثال