Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وصال ٿي چڪو هو۔ (تاريخ بغداد،ج۱۰،ص۱۵۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل واقعي مان ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون۔

  پهرين ڳالھ ته اها جو جڏهن به ڪو نيڪ عمل ڪريون، ڪنهن غريب جي مدد ڪريون، ڪنهن حاجت مند جي حاجت روائي ڪريون ته صرف ۽ صرف الله ڪريم جي رِضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪريون، جيئن بيان ڪيل واقعي ۾ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمِ حديث حاصل ڪرڻ واري ان نوجوان طالبِ علم جو قرض ادا ڪيو ۽ گڏوگڏ ان قرض دار کي نصيحت ڪئي ته منهنجي زندگي ۾ ان نوجوان کي هن ڳالھ جو علم نه ٿئي ته مون ان جو قرض ادا ڪيو آهي، اي ڪاش! جو اسان کي به اهڙي سوچ و فڪر نصيب ٿي وڃي جو اسان به جڏهن ڪو نيڪ عمل ڪريون ته صرف ۽ صرف الله ڪريم جي رِضا جي لاءِ ڪريون، جڏهن به ڪنهن جي حاجت روائي ڪريون ته پنهنجي واهه واهه ۽ واکاڻ جي لاءِ نه ڪريون۔ جڏهن به ڪنهن پريشان حال جي مدد ڪريون ته الله ڪريم جي رِضا جي لاءِ ئي ڪريون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هن حڪايت مان ٻي ڳالھ اها معلوم ٿي ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي دينِ اسلام ۽ ديني شاگردن ۽ عالمن سان گھڻي محبت هئي، جنهن جو واضح ثبوت ان نوجوان طالب علم جو قرض ادا ڪرڻ جو واقعو آهي۔ جهڙي طرح حاتم طائي جي سخاوت مشهور هئي، اهڙي طرح عالمن جي طبقي ۾ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سخاوت مشهور هئي، پاڻ عالمن سان گھڻي محبت ڪندا هئا ۽ پنهنجو مال عالمن جي خدمت ۾ خرچ ڪندا هئا۔ ڪجھ روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪاروبار ڪندا ئي ان ڪري هئا جو حاصل ٿيندڙ نفعي کي عالم سڳورن تي