Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

۽ پاڻ خُراسان کان مال و دولت مڪي پاڪ آڻيو ٿا، ان جو ڇا سبب آهي؟ حضرتِ عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ان ڪري ته جيئن هن مال جي ذريعي مان محتاج ٿيڻ کان محفوظ رهان ۽ عالم سڳورن جي خدمت ڪيان ۽ پنهنجي رب جي عبادت ۾ هن جي ذريعي مدد حاصل ڪيان۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته حضرت عبدالله بن مبارڪ عالمن سان ڪيتري محبت ڪندا هئا، انهن جي خدمت ڪندا هئا ايستائين جو سندن واپار جو مقصد ئي عالمن ۽ مشائخن جي خدمت ڪرڻ هو، واقعي الله ڪريم حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بيشمار خوبين سان نوازيو هو، مال ودولت سان گڏ جُودوسخا ۽ عالمن جي خدمت جهڙي اهم نعمت به ربِّ ڪريم سندن کي عطا ڪئي هئي۔ ٿورو سوچيو! حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عالمن جي ايتري خدمت ڇو ڪندا هئا؟ انهن تي پنهنجو مال ودولت ڇو خرچ ڪندا هئا؟ ته يقيناً اهو چوڻو پوندو ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عالمن جي مقام ۽ رتبي ۽ معاشري ۾ اُمّت جي انهن رهنمائن جي ضرورت کي سمجھندا هئا ۽ هن ڳالھ سان بخوبي واقف هئا ته گلشنِ اسلام کي آباد رکڻ  ۾ انهن عالمن ئي جو ڪردار آهي۔ ڇوته ماڻهن کي دِينِ اسلام جي طرف راغب ڪرڻ وارا عالم ئي آهن، عقيدن جي حفاظت ڪرڻ وارا عالم ئي آهن، مسئلن جو شرعي حل ڪڍڻ وارا عالم ئي آهن، طهارت و نجاست جا مسئلا ٻڌائڻ وارا عالم ئي آهن، پاڪي پليدي جو فرق سمجھائڻ وارا عالم ئي آهن، غسل، ڪفن، تدفين بابت مسئلا سيکارڻ وارا عالم ئي آهن، حج ۽ عمري جو طريقو سيکارڻ وارا عالم ئي آهن، مدارس و جامعات هلائڻ وارا عالم ئي آهن، جمعه ۽ عيدين پڙھائڻ وارا عالم ئي آهن، ربِّ ڪريم جي معرفت (سڃاڻپ) ڪرائڻ وارا عالم ئي آهن، انبياءِ ڪرام جا حقيقي وارث عالم ئي آهن، گناهن جي دلدل کان بچائي نيڪ عملن جي ترغيب ڏيارڻ وارا عالم ئي آهن، خوفِ خدا جا جام پيئارڻ وارا عالم ئي آهن، عشقِ رسول جو درس ڏيڻ وارا به عالم ئي آهن، حقيقي انسان عالم ئي