Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

آهن:

   هڪ ڀيري حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: انسان ڪير آهن؟ ارشاد فرمايائون: عالم۔ پوءِ پڇيو ويو: بادشاھ ڪير آهن؟ فرمايائون: آخرت جي لاءِ دنيا کان رُوگرداني ڪرڻ وارا (يعني دنيا کان پاسو ڪرڻ وارا)۔ پوءِ پڇيو ويو: بيوقوف ڪير آهن؟ فرمايائون: پنهنجي دِين جي بدلي دُنيا ڪمائڻ وارا ماڻهو۔ (المحدث الفاصل، ۱/۲۰۵)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو عالمن جو مقام تمام بلند آهي۔ تنهنڪري عالمن جي مال جي ذريعي به خدمت ڪرڻ گھرجي، قرآن و حديث ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين جي اقوال مان معلوم ٿئي ٿو ته عالم سڳورن جو مقام ۽ منصب تمام اوچو آهي ۽ انهن جي ادب و احترام ۽ انهن جي پيروي ۾ ئي نجات آهي، اچو! قرآنِ ڪريم ۾ انهن بابت بيان ٿيل شان و عظمت ٻڌون ٿيون:

      ربِ ڪريم سيپاري 3 سوره اٰلِ عِمرٰن آيت نمبر 79 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

كُوْنُوْا رَبّٰنِیّٖنَ بِمَا كُنْتُمْ تُعَلِّمُوْنَ الْكِتٰبَ وَ بِمَا كُنْتُمْ تَدْرُسُوْنَۙ(۷۹) (پ۳،اٰل عمران:۷۹)

تَرجَمهٔ ڪنزالعرفان: الله وارا ٿي وڃو هن سبب کان جو توهان ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ هن جي ڪري جو توهان درس ڏيو ٿا

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو ته جيڪي الله پاڪ جو ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم سيکارڻ ۽ ان جو درس ڏيڻ هي ٻه اهي ڪم آهن جيڪي رباني عالمن جو طريقو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت سيدنا عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ