Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

هڪ هڪ جملو، هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ اکر حق آهي، سچ آهي، الله پاڪ جي طرفان نازِل ڪيل آهي، هن ۾ هڪ اکر جي به ڪمي بيشي ناهي، جيڪو شخص قرآنِ ڪريم جي هڪ لفظ جو به انڪار ڪري، اهو ڪافِر آهي، اسلام مان خارج آهي۔

قرآنِ ڪريم کي ”ڪتابِ هدايت“ مڃڻ به يقيناً قرآن تي ايمان آڻڻ جو حِصو آهي ۽ الحمد لله! هر مسلمان هن کي ڪتابِ هدايت تسليم به ڪري ٿو پر هن هنڌ اسان کي اهو غور ڪرڻو آهي ته اسان قرآنِ ڪريم کي ڪتابِ هدايت تسليم ته ڪيون ٿا پر ڇا اسان عملي طور تي هن مان هدايت ۽ رهنمائي وٺون به ٿا يا نه؟ قرآن تي ايمان آڻڻ جو تقاضو آهي ته اسان عملي طور تي زِندگي جي هر هر شعبي ۾، زِندگي جي هر هر مسئلي ۾ قرآنِ ڪريم ئي کان هدايت ۽ رهنمائي حاصِل ڪريون، ڀلا اهو ڪٿان جو اِنصَاف آهي جو اسان قرآن شريف کي ”ڪتابِ هدايت“ تسليم ته ڪيون پر ان کي غلاف ۾ ويڙهي الماڙي جي زِينت بڻائي ڇڏيون ۽ * واپار جا اُصُول قرآن جي دشمنن کان سکون * عدالت جا اُصُول قرآن جي دشمنن کان سکون * پنهنجي ٻارن کي وڏا وڏا فلسفا ته سيکاريون پر قرآن مجيد جي تعليم نه ڏياريون * زِندگي جي مسئلن جو حل ڪافِرن جي وڏن وڏن ڪتابن مان ڳوليندا وتون۔ ڇا جنهن شخص جي تجوري سون، چاندي، موتي جواهرن سان ڀريل هجي، اهو به ڪڏهن خيرات گھرڻ جي لاءِ ٻين جي دروازن تي ويندو آهي؟

آں کِتَابِ زِندہ قرآنِ حکیم                                    حکمتِ اُو لایَزَال اَسْت وَ قَدِیم

اهو قرآنِ مجيد زِنده ۽ جاويد ڪتاب آهي، هن ۾ بيان ڪيل تعليم، قيامت تائين جي سمورن مسئلن جي حل جي لاءِ ڪافِي به آهي ۽ بهتر به آهي۔ اسان تي الله پاڪ جو اهو اِحسَان آهي ته ان اسان کي اهڙو لازوال ڪتاب عطا فرمايو جنهن ۾ قيامت تائين جي لاءِ هر هر مسئلي جو حل موجود آهي، هن تي اسان جو اِيمان انهيء وقت ڪامِل ٿي سگھندو جڏهن اسان قرآنِ ڪريم کي عملي