Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
اُن هستي جو چهرو جنهن اڄ جي فتنن سان ڀريل دور ۾ سڄي دنيا ۾ سُنّتن جو پيغام عام ڪيو، لکين ماڻهن کي سنّتن تي هلندڙ ڦرندڙ تصوير بڻائي ڇڏيو، لکين نوجوانن کي ڏاڙهيون رکرائيون، ڪروڙين مسلمانن جي مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجرائي ڇڏيو، جن جي نيڪي جي دعوت جي برڪت سان ڪروڙين گنهگارن توبه ڪئي، لکين نمازي بڻيا، ۽ هزارين ڪافر ڪلمو پڙهي ڪري ايمان جي نُور سان مالا مال ٿي ويا.
اها باوقار هستي ڪير آهي؟ ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن، ڪروڙين اکين جو نور، عالِمِ باعمل، نمونه صالحين، مبلغِ اسلام، رهبرِ ملّت، مَاحِيِ بدعت (يعني بدعتن کي مٽائڻ وارا)، حاميِ سُنّت (يعني سنتن کي عام ڪرڻ وارا)، پيرِطريقت، رهبرِ شريعت، عاشقِ ماهِ رسالت، مُحِبِّ صحابه و اَهلِ بيت، مُحبِّ اَولياءِ اُمُّت، عاشقِ اعليٰ حضرت، اميرِ اهلسنّت حضرتِ علّامه مولانا، ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه.
زمانو ڄاڻي ٿو اڄ جي دور ۾ جيتري وڏي پيماني تي قرآن و سنّت جي خِدمت سندن ڪئي آهي، اهڙي خِدمت هن دور ۾ شايد ڪنهن ٻئي ڪئي هجي، هاڻي تائين ڏٺو يا ٻڌو ناهي.
هاڻي ٿورو غور فرمايو! صحابيءِ رسول حضرتِ عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: سُنّت ڏانهن سڏڻ ۽ بدعتن کان روڪڻ واري سُنّي صحيح العقيده کي ڏسڻ عِبادت آهي. هتي اڄ جي دور ۾ اسان نظر ڦيرايون ٿا ته هن دور ۾ سُنّتن جي خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۾ سڀ کان اَوَّل شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي مبارڪ ذات نظر اچي ٿي، معلوم ٿيو ته اڄ جي دور ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه اهي هستي آهن جو حضرتِ عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا جي فرمان مطابق سندن جي چهري جو ديدار ڪرڻ عبادت آهي.