Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

بخاري، مفتي شريف الحق امجدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به چئني سلسلن (قادريه، چشتيه، نقشبنديه ۽ سهرورديه) جي خلافت عطا ڪئي آهي * سيپٽمبر 1981ع ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه دعوتِ اسلامي جو آغاز فرمايو، جيتوڻيڪ پهريان به نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا پر جڏهن کان دعوتِ اسلامي جو آغاز ٿيو، ان وقت کان اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو باقاعده سلسلو شروع فرمايو * اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه هي مدني مقصد اپنايو ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ پوءِ ان مدني مقصد کي کڻي پاڻ نه ڏينهن ڏٺائون نه رات، مسلسل ڪوشش ڪندا هلندا رهيا، ايسيتائين جو الله پاڪ جي ڪرم، ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نَظَرِ عِنَايت ۽ اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهِمۡ جي فيضان سان دعوتِ اسلامي جو  ديني پيغام سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويو * شروعات ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه وڏي مشقت به بردشت ڪئي، سندن رستي ۾ رڪاوٽن به آيون، ڪجھ نادانن نيڪي جي دعوت جي هن ديني ڪم کي مَعَاذَ الله! روڪڻ جون به ڪوششون ڪيون پر پاڻ رڪيا نه الله پاڪ جي رحمت تي نظرون ڄمائي اڳتي کان اڳتي وڌندا هلندا ويا * پاڻ دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه پري پري جو سفر ڪندا هئا * هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيئي ڪيئي بيانات ڪندا هئا مَسۡجد مَسۡجد، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر تشريف وٺي ويندا هئا ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا * ڪٿي ميّت ٿي ويندي هئي ته مسلمانن جي غم خواري، دِل جوئي ۽ خير خواهي جي جذبي تحت پنهنجي هٿن سان ميّت کي غسل ڏيندا، ڪفن پارائيندا، نمازِ جنازه پڙهائندا هئا * غمي ۽ خوشي جي موقعن تي مسلمانن جي اهڙي دل جوئي فرمائيندا هئا جو اهي به نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ سندن جا شريڪِ سفر بڻجي پوندا هئا.

      ايئن پاڻ استقامت سان نيڪي جي دعوت ڏيندا ويا، سندن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ * جيڪي بي نمازي هئا نمازي بڻجي ويا بلڪه مسجدن جا امام بڻجي ويا * بدنگاهي ڪرڻ وارا حيادار بڻجي ويا * ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارا بااَدب ٿي ويا  * چور ۽ ڌاڙيل آيا، تائب ٿيا، چوري ڌاڙو ڇڏي ڪري مُعاشري