Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

چوندا: اي منهنجا پَروَردَگار ! ڇا تو مون سان اهو واعدو نه ڪيو هو ته تون مون کي منهنجي اُمَّت جي باري ۾ رُسوا نه ڪندين۔ عرش تان آواز ايندو: اي ملائڪو ! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِطَاعت ڪيو ۽ ان(شخص) کي موٽايو، پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي جھولي مان سفيد ڪاغذ ڪڍندا ۽ ان کي مِيزان جي ساڄي پَلڙي ۾ وجھي چوندا، ”بِسۡمِ الله“ پوءِ اهو نيڪين وارو پلڙو بُرائين واري پَلڙي کان وزني ٿي ويندو۔ آواز ايندو: خوش بَخت آهي، سعادت مند ٿي ويو آهي ۽ ان جو مِيزان ڳرو ٿي ويو آهي۔ ان کي جَنَّت ۾ وٺي وڃو۔ هو ٻانهو عرض ڪندو: اي منهنجي پَروَردَگار جا ملائڪو! ترسو، مان هن نيڪ شخص سان ڳالھ ته ڪيان جيڪو پنهنجي رَبّ وٽ وڏي ڪرامت رکي ٿو۔ پوءِ هو عرض ڪندو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين، اوهان جو چهرو مبارڪ ڪيترو حسِين آهي، ڪيترو خوبصورت آهي، اوهان منهنجي لغزِشن کي مُعاف ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي لڙڪن تي رَحم ڪيو (اوهان ڪير آهيو؟)۔‘‘ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمائيندا، مان تنهنجو نبي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهيان ۽ هي تنهنجو اهو دُرُود آهي جيڪو تون مون تي موڪليندو هئين ۽ مون تنهنجون اهي تمام حاجتون پُوريون ڪري ڇڏيون جن جو تون مُحتاج هئين۔‘‘[1]

اے مدینے کے تاجدار سلام            اے غریبوں کے غم گُسار سلام

رَبِّ سَلِّم  کہنے والے پر                      جان کے ساتھ ہوں نثار سلام

میری بگڑی بنانے والے پر             بھیج اے میرے کِردِگار سلام

اُس پناہِ گناہ گاراں پر                        یہ سلام او رکرور بار سلام

پردہ میرانہ فاش حشر میں ہو                تاقیامت ہوں بے شمار سلام

وہ سلامت رہاقیامت میں                  پڑھ لیے جس نے دل سے چار سلام [2]


 

 



[1]... موسوعۃ ابن ابی الدنیا فی حسن الظن باللّٰہ۱/۹۱حدیث:۷۹

[2]... ذوقِ نعت ص 170