Book Name:Behtreen Khatakar Kon

ڪريم جي حضور حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو! ڀڄي ويل ٻانهو حاضر آهي، اي مالڪِ ڪريم! قبول فرماءِ، هن گنھگار ٻانهي تي ڪرم فرماءِ، ٻانهو پنهنجي گناھن، نافرمانين تي سچي دل سان شرمنده ٿي ڪري عرض ڪري:

میں بندۂ عاصِی ہوں، خطا کار ہوں مولیٰ!                                                                  لیکن تری رحمت کا طلبگار ہوں مولیٰ!

وابستہ ہے اُمِّید مری تیرے کرم سے                                                                     تیرا ہوں، فقط تیرا پَرسْتَارہوں مولیٰ!

   هي آهي عزّت مِلڻ جي درست راھ، هتي جهڪي ڪري ڏسو! الله ڪريم نوازيندو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ضرور نوازيندو.

راھِ خُدا ۾ پهريون قدم

عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: راھِ خُدا جون کوڙَ منزلون آهن: * مقامِ ورع * مقامِ زهد مقامِ فقر * مقامِ صبر * توڪل * رضا وغيره کوڙ منزلون آهن، البت جنهن کي راھِ خُدا تي هلڻو هجي، ان جي لاءِ سڀني کان پهريون قدم توبھ آهي.[1]

هي هڪ مُنڍ آهي. ڌاڳو وچڙي (ڦاسي) وڃي ان کي ڪيئن کوليندا آهيون؟ سڀ کان پهريان مُنڍ ڳوليندا آهيون، مُنڍ مِلي وڃي ته وچڙيل ڌاڳو آساني سان کُلي ويندو آهي، اسان جون زندگيون وچڙيل آهن * ڪو پيسن ۾ ڦاٿل آهي * ڪو عهدي ۽ منصب جي طرف ڊوڙي رهيو آهي * ڪو پريشانين ۾گرفتار آهي * ڪو جاڳندي اکين سان خواب ڏسڻ ۾ مصروف آهي، زندگيون وچڙيل آهن، جيڪڏهن انهن کي کولڻو آهي ته منڍ پڪڙيون ۽ مُنڍ ڪهڙو آهي؟ توبھ.

   هي الله پاڪ جي وڏي ڪرم نوازي آهي، ان توبھ جو دروازو هميشه کُليل رکيو آهي، اسان زندگي جي جنهن به موڙ تي آهيون، اسان زمين کان آسمان تائين گناھ ڪري ڇڏيا آهن، گناھن جي پهاڙن جي هيٺان دٻجي چڪا آهيون، پوءِ


 

 



[1] اللُّمَع،باب:21 ،صفحہ:109۔