Book Name:Behtreen Khatakar Kon

به مُنڍ  موجود آهي، جتي آهيون اتان ئي زندگي جو رُخ موڙيون، پنهنجي ربّ ڪريم جي حُضور مٿو جهڪائي ڪري عرض ڪيون:

کب گناہوں سے کنارا میں کروں گا یارب!

نیک کب اے مِرے  اللہ! بنوں گا یارب!

عَفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہوجا

گر کرم کردے تو جنّت میں رہوں گا یارب!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

توبھ ڪرڻ واري مومن جو مثال

   هڪ ڀيري الله پاڪ جي نبي حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي ساٿين سان تشريف فرما هئا، هڪ نهايت خوبصورت، حسين ۽ جميل پکي اتي اچي ويٺو سندن سامهون زمين تي ليٽڻ لڳو، ان پنهنجو پاڻ کي زمين تي ايترو ته رَهڙيو جو سندس کَلَ لهي وئي، هاڻي اهو ڳاڙهو ٺوڙهو ۽ تمام بدصورت نظر اچڻ لڳو، پوءِ اهو گپَ ۾ ويو، اتي ليٽيو، جنهن سان اهو اڃان به بدصورت ٿي ويو، ان کان بعد اهو وهندڙ پاڻيءَ ۾ ويو، اتي وِهتو ته ان جو پهريان جهڙو حُسن موٽي آيو، جسم تان گَپَ به لهي وئي، کلَ به نئين سر اچي وئي، بلڪل پهرين وانگر ٿي ويو. الله پاڪ جي نبي حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام هي ڏسي ڪري پنهنجي حوارين کي فرمايو: هي پکي توهان جي طرف نشاني بڻائي ڪري موڪليو ويو آهي، هي مومن جو مثال آهي، مومن ٻانهو گناھ ڪندو آهي، پاڻ کي بدصورت ۽ ڪندو ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ جڏهن اهو توبھ ڪندو آهي ته گناھن جي ڪاراڻ ان کان پري ٿي ويندي آهي ۽ اهو پهرين وانگر حسين ۽