Book Name:Behtreen Khatakar Kon

اَسْتَغْفِرُ اللہ الْعَظِیْمَ الَّذِیْ لَا اِلٰہَ اِلَّا ھُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ وَ اَتُوْبُ اِلَیْہِ (يعني مان الله پاڪ کان مغفرت جو سوال ڪريان ٿو ته جنهن کانسواءِ ڪو معبود نه آهي ۽ هو پاڻ زندھ آهي ۽ ٻين کي قائم رکڻ وارو مان انهيءَ جي طرف رجوع ڪريان ٿو) پڙهندو ان جا گناھ بخشيا ويندا جيتوڻيڪ سمنڊ جي گَاجُ کان به وڌيڪ هجن.[1]

   الله پاڪ اسان کي سچي پڪي توبھ جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! اسان گناھ ڇڏيون، خوب نيڪيون ڪيون، الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃون، ڪاش! ڪاش! ڪاش! شبِ براءت جي صدقي اسان جي مغفرت جو سامان ٿي وڃي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

گناہگار ہوں میں لائقِ جہنَّم ہوں                                                                                   کرم سے بَخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ      !

بُرائیوں   پہ پَشَیماں   ہوں   رَحم فرمادے!                                                 ہے تیرے قَہر پہ حاوی تری عطا یارب!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسةُ المدينه بالغان

  پيارا اسلامي ڀائرو! گناھن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي لاءِ، الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانبدار ٻانهو بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو! ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسةُ المدينه بالغان به آهي.


 

 



[1] تَنْبِیْهُ الْغَافِلین،باب آخر من التوبۃ،صفحہ:59۔