Book Name:Behtreen Khatakar Kon

داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تنهنجي توبھ قبول آهي

   مشهور صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جو ذڪر آهي مان رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اقتداء ۾ عشاء جي نماز پڙهي ڪري واپس وڃي رهيو هيس، مون ڏٺو ته هڪ عورت پاڻ کي چڱي طرح ڍڪي ڪري رستي جي ڪناري تي بيٺي آهي، ان مون کي سڏي ڪري چيو: اي ابو هريره! مون کان تمام وڏو گناھ ٿي ويو آهي، ڇا منهنجي لاءِ ڪا توبھ آهي؟ مون ان کان گناھ جي تفصيل پڇا ڪئي، ته ان ٻڌايو ته مون چيو: تون هلاڪ ٿي وئين ۽ ٻين کي به هلاڪت ۾ وِجهي ڇڏي(ايڏو وڏو گناھ ڪرڻ کان بعد به توبھ جي اميد رکين ٿي)، الله پاڪ جو قَسم! تنهنجي لاءِ ڪا توبھ نه آهي،

    حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ان خاتون جيئن منهنجي ڳالھ ٻڌي ته ان تي ندامت ۽ شرمندگي جو غلبو ٿيو، اها تمام گهڻو ڏڪڻ لڳي ۽ ڏڪندي ڏڪندي بي هوش ٿي ڪِري پئي، مان رستو وٺي هليو ويس.

   پوءِ مون کي خيال آيو ته الله پاڪ جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔