Book Name:Behtreen Khatakar Kon

آيت تلاوت فرمائي:[1]

وَ الَّذِیۡنَ  اِذَا فَعَلُوۡا فَاحِشَۃً اَوۡ ظَلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ ذَکَرُوا اللّٰہَ فَاسۡتَغۡفَرُوۡا لِذُنُوۡبِہِمۡ ۪ وَ مَنۡ یَّغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ اِلَّا اللّٰہُ ۪     وَ لَمۡ یُصِرُّوۡا عَلٰی مَا فَعَلُوۡا وَ ہُمۡ یَعۡلَمُوۡنَ (۱۳۵)

(سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: آيت: 135)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي ماڻهو جو جڏهن ڪنهن بي حيائي کي ڪري وٺن يا پنهنجي جانن تي ظلم ڪري وٺن ته الله کي ياد ڪري پنهنجي گناھن جي معافي گهرن ۽ الله کان سواءِ ڪير گناھن کي معاف ڪري سگهي ٿو ۽ اهي ماڻهو ڄاڻي واڻي پنهنجن بُرن عملن تي اصرار نه ڪن.

  شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي ڪتاب مدني پنج سوره ۾ فرمائن ٿا: توبھ ڪرڻ جو طريقو هي آهي ته جيڪو گناھ ٿيو خاص ڪري ان گناھ جو ذڪر ڪري دل ۾ بيزاري ۽ آئينده ان کان بچڻ جو پڪو ارادو ڪري توبھ ڪري. مثال طور ڪوڙ ڳالهايو، ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪري، اي الله پاڪ! مون جيڪو هي ڪوڙ ڳالهايو هن کان توبھ ڪيان ٿو آئينده ڪوڙ نه ڳالهائيندُس. توبھ جي دوران دل ۾ ڪوڙ کان نفرت هجي ۽ آئينده نه ڳالهائيندُس چوڻ وقت دل ۾ هي ارادو به هجي ته جيڪو ڪجھ چئي رهيو آهيان ائين ئي ڪندُس تڏهن ئي توبھ آهي. جيڪڏهن ٻانهي جي حق تلفي ڪئي آهي ته توبھ سان گڏوگڏ ان ٻانهي کان معاف ڪرائڻ به ضروري آهي.[2]

گناھ مِٽائڻ جو وظيفو

حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص 3 ڀيرا


 

 



[1] ابو داؤد،کتاب الصلاۃ ،باب فی الاستغفار،صفحہ:247 ،حدیث:1521۔

[2] مدنی پنج سورہ،صفحہ:344۔