Book Name:Behtreen Khatakar Kon

شرمسار ٻانهي جي حڪايت

    ڪِتابُ التَّوابِين صفحو 81 تي لکيل آهي: هڪ اسرائيلي شخص کان گناھ ٿي ويو اهو تمام شرمنده ٿيو ۽ بي قرار ٿي ڪري هيڏانهن کان هوڏانهن ڀڄڻ لڳو ته ڪهڙي طرح ان جو گناھ معاف ٿي وڃي ۽ الله پاڪ ان کان راضي ٿي وڃي. الله پاڪ جي رحمت ڀري بارگاھ ۾ ان جي بي قراري واري ندامت قبول ٿي وئي ۽ الله پاڪ ان کي ولايت جي اعلٰي ترين رتبي صدِّيقِيّت سان نوازي ڇڏيو.[1]

اَوَّاب ڪنهن کي چوندا آهن؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان گنھگار ماڻهو آهيون، اسان کان گناھ ٿي ئي ويندا آهن، بَس اسان کي گهرجي ته توبھ ڪندا رهون. الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَاِنَّہٗ  کَانَ  لِلۡاَوَّابِیۡنَ غَفُوۡرًا (۲۵)  (سيپارو: 15، بني اسرائيل: 25)

ترجمو ڪنزالعرفان: ته بيشڪ اهو توبھ ڪندڙن کي بخشڻ وارو آهي.

   تمام وڏي مرتبي وارا تابعي بزرگ حضرت سعيد بن مُسيّب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن آيت ۾ اَوّاب مان مُراد اهو شخص آهي جنهن کان گناھ ٿئي ۽ پوءِ توبھ ڪري وٺي، وري گناھ ٿئي، وري توبھ ڪري وٺي،[2]

توبھ ڪندا رهو!

   حضرت محمد بن مُطَرِّف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ ملائڪن کي فرمائيندو آهي: ابنِ آدم به ڪهڙو آهي...!! گناھ ڪندو آهي، وري مون کان معافي گهرندو آهي، مان وري ان کي معاف ڪري ڇڏيندو آهيان، وري گناھ ڪندو آهي، وري


 

 



[1] کِتَابُ التَّوَّابِین ،صفحہ:81۔

[2] تفسیرِ طبری،پارہ:15،سورۂ بنی اسرائیل،زیرِ آیت:25 ،جلد:8،صفحہ:65۔