Book Name:Behtreen Khatakar Kon

ته مان به پنهنجو قول پورو ڪيان يا پوءِ تو ان کي ضايع ڪري ڇڏيو ته مان پڇا ڳاڇا ۽ پڪڙ ڪيان؟[1]

ماڻهو سڄي عُمر روئي تڏهن به...!!

   اي عاشقانِ رسول! فرض ڪيو! ڪنهن ٻانهي وٽ نهايت ئي قيمتي هيرو آهي، ۽ اهو هيرو ان جو پنهنجو ناهي بلڪه ڪنهن جي امانت آهي، هاڻي اهو هيرو ان کان ڪٿي گُم ٿي وڃي ته ان کي ڪيڏي پريشاني ٿيندي؟ ان کي تمام گهڻو غم ٿيندو، شيءِ پنهنجي هجي، گُم ٿي وڃي ته غم ٿيندو آهي پر گهٽ، ڪنهن ٻئي جي شيءِ گُم ٿي وڃي ته غم تمام گهڻو ٿيندو آهي، پهريان ته هي جو لکين ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي ويو، ٻيو هي ته جنهن جي شيءِ هئي، هاڻي خبر ناهي ته اهو منهنجي خلاف ڪهڙي ڪاروائي ڪندو، هيءَ ٻيڻي پريشان ٿيندي آهي. هاڻي ٿورو غور فرمايو! زندگي اسان وٽ امانت آهي، اسان جو هر ساھ امانت آهي ۽ هر ساھ انمول هيرو آهي، هاءِ افسوس! اسان هي انمول هيرا ضايع ڪري ڇڏيا، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ڏنل ڪا امانت اسان کان ضايع ٿي وڃي ته اسان پريشان ٿي ويندا آهيون پر ربّ ڪريم جي عطا ڪيل امانت ضايع ڪرڻ جو اسان کي ٿورو به غم نه آهي.

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے                                           دل آہ! مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا

افسوس نَدامت بھی عِصیاں پہ نہیں ہوتی                                           نیکی کی طرف مائل عطارؔ نہیں ہوتا

گناه  تي اصرار نه ڪيو!

   اي عاشقانِ رسول! اسان کي شرمنده ٿيڻ سکي وٺڻ گهرجي، ياد رکو! گناھ تي اصرار يعني گناھن جي عادت بڻائي ڇڏڻ، گناھ ڪري ان تي ڄمي وڃڻ، شرمنده نه ٿيڻ هي تمام وڏي نحوست آهي. الله پاڪ پنهنجي نيڪ ٻانهن جو


 

 



[1] احیاء علوم الدین،کتاب التوبۃ،بیان ان وجوب التوبۃ …الخ،جلد:4 ،صفحہ:15 ملتقطًا۔