Book Name:Behtreen Khatakar Kon

۾عرض ڪيو: اي ربَّ ڪريم! تو شيطان کي منهنجو دشمن بڻايو آهي، پر منهنجو اولاد ان جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت نه ٿو رکي، الله پاڪ فرمايو: اي آدم! اوهان جي اولاد مان (قيامت تائين جيڪو به انسان پيدا ٿيندو) مان ان سان گڏ هڪ محافظ ملائڪ مقرر فرمائيندُس جيڪو ان جي شيطان کان حفاظت ڪندو. حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: مولا! وڌيڪ ڪرم فرماءِ. الله پاڪ فرمايو: اي آدم! اوهان جي اولاد کي هڪ نيڪي جو اجر ڏھ ڀيرا ملندو ۽ ان ۾ اڃان وڌائيندُس جڏهن ته گناھ هڪ ئي لکيو ويندو ۽ ان کي مان مِٽائي به ڇڏيندُس. حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام وري عرض ڪيو: مولا وڌيڪ ڪرم فرماءِ. الله پاڪ فرمايو: اي آدم! جيستائين روح انسان جي جسم ۾ رهندو، مان ان جي توبھ قبول ڪندو رهندُس.

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو پاڪ پروردگار ڪيڏو ڪريم، ڪيترو رحيم آهي، لهٰذا جڏهن به گناھ ٿي وڃي ته ربّ ڪريم جي حضور حاضر ٿي وڃو، توبھ ڪيو، پنهنجي غلطي جو اقرار ڪري شرمنده ٿيو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! توبھ قبول ٿيندي ۽ گناھن جي ميراڻ کان دامن صاف ٿي ويندو.

توبھ جي برڪت فوراً ظاهر ٿي

    حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي گذريا آهن، بصره شهر جا رهائشي هئا، توبھ ڪرڻ کان پهريان تمام وڏا امير هئا ۽ ماڻهن کي وياج تي قرض ڏيندا هئا، حال هيءُ هو جو جڏهن ڪنهن قرضدار کان قرض جي رقم واپس وٺڻ ويندا هئا ۽ هو نه ڏئي سگهندو ته ان کان پنهنجي وقت ضايع ٿيڻ جو جُرمانو به وٺندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ ڪنهن قرضدار وٽ پهتا، دروازي تي آواز ڏنائون، اهو قرضدار پاڻ ته گهر موجود نه هو، البت ان جي گهرواري چيو ته منهنجو مُڙس گهر ۾ موجود ناهي، نه ئي مون وٽ رقم آهي جو اوهان کي ڏئي