Book Name:Behtreen Khatakar Kon

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي جي تحت مسجدن ۾، اسڪولن ۽ ڪاليج ۽ مارڪيٽ وغيره ۾ لڳڻ واري مدارسُ المدينه بالغان ۾ وڏي عُمر جي اسلامي ڀائرن کي تجويد سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ بنيادي ضروري احڪام ۽ مسائل ۽ سنّتون ۽ آداب پڻ سيکاريا ويندا آهن.

سنّتن جو عامل بڻجي ويو

   بلوچستان جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان فيشن پرست هيس، چهري تي ڏاڙهي هئي نه مٿي تي عمامي شريف جو تاج، سنّت جي راھ کان پري دنيا جي محبت ۾ مسرور پنهنجي قيمتي زندگي کي بي عملي ۽ جهالت جي اونداهي ۾ گذاري رهيو هيس. منهنجي زندگي ۾ روشني جو ڪرڻو هن طرح ظاهر ٿيو جو هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مونکي تجويد سان قرآنِ پاڪ پڙهڻ جو ذهن ڏنو، نمازِ عشا کان بعد لڳندڙ مدرسةُ المدينه بالغان ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، مون انهن جي نيڪي جي دعوت کي قبول ڪري ورتو ۽ مدرسةُ المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪرڻ لڳُس، الحمد لله! ان جي برڪت سان مون تجويد سان قرآنِ پاڪ سکي ورتو ۽ فيشن پرستي ڇڏي ڪري سنّتن جو عامل بڻجي ويس.

یہی ہے آرزُو تعلمِ قرآں عام ہو جائے                                      تلاوت کرنا صُبح وشام میرا کام  ہو جائے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua)  ايپ جو تعارف

  پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپليڪيشن بنام ڪلمو اينڊ دُعا