Book Name:Behtreen Khatakar Kon

ٿئي ته ان جي مغفرت ڪئي ويندي آهي، ان جي لاءِ جنّت جي بشارت آهي.

یاخدا! میری مغفرت فرما                                                                                                           باغِ فِردوس مَرحَمَت فرما

توُ گناہوں کو کر  مُعاف  اللہ!                                                                                                         میری  مقبول  معذِرت  فرما[1]

بهترين خطا ڪندڙ

پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: كُلُّ بَنِي آدَمَ خَطَّاءٌ، وَخَيْرُ الْخَطَّائِينَ التَّوَّابُونَ هر ماڻهو کان خطا ٿي ويندي آهي ۽ بهترين خطا ڪندڙ  اهو آهي جيڪو توبھ ڪري وٺي.[2]

انسان هجڻ جي هڪ نشاني

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان انسان آهيون، معصوم ته صرف انبياء ۽ ملائڪ آهن، اسان جهڙن عام انسانن کان خطائون ٿي ئي وينديون آهن، اسان کي توبھ جي طرف وڌڻ گهرجي. امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مخلوق ٽي طرح جي آهي: (1): ملائڪ: هي معصوم آهن، هي گناھ ڪندا ئي ناهن (2): شياطين: هي گناھ ئي ڪندا آهن، گناھ ڇڏيندا ناهن (3): ٽئين نمبر تي انسان آهن، انسان کان خطا به ٿيندي آهي ۽ اهو توبھ ڪري نيڪين جي طرف به وڌندو آهي.

   لهٰذا ائين ته ٿي ئي نه ٿو سگهي جو اسان جهڙن عام انسانن کان ڪڏهن گناھ ٿي ئي نه، باقي ٻه ئي صورتون بچن ٿيون: (1): انسان گناھ تي  ڄمي وڃي، هي شيطان جو وصف آهي (2): جڏهن ٻانهي کان گناھ ٿي وڃي ته فوراً توبھ جي طرف وڌي، هي انسان هجڻ جي نشاني آهي.[3]


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:75ملتقطًا۔

[2] ابنِ ماجہ،کتاب الزہد،باب ذکر التوبۃ،صفحہ:689 ،حدیث:4251۔

[3] اِحْیَاءُ الْعُلُوْم مترجم، جلد:4، صفحہ:10 بتغیر قلیل۔