Book Name:Behtreen Khatakar Kon

ڌوڙ انهن تي پئجي وئي ته اسان گنھگار ٿي وينداسين.

   حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٻارن جي هيءَ ڳالھ ٻڌي ته تڙپي ويا ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائون: واھ مالِڪ! تنهنجي قدرت به عجيب آهي، اڄ ئي مون توبھ ڪئي ۽ اڄ ئي تو منهنجي نيڪ نامي جو اعلان به ڪرائي ڇڏيو.

    ان کان بعد حضرت حبيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڀني جا حقوق ادا ڪيا، جن سان وياج جي ڏي وٺ هئي، سڀني جو وياج معاف ڪري ڇڏيائون ۽ دنيا کان پاسيرو ٿي الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف ٿي ويا.[1]

مَحبت میں اپنی گُما یاالٰہی!                                                                                                                   نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مِری زندگانی                                                                     کرم  ہو  کرم  یَاخدا!  یاالٰہی![2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڇا عزت ٻيهر ناهي مِلندي...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! توبھ ڪرڻ واري تي الله پاڪ جي رحمت ڪيترو تيزيءَ سان وَسندي آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي: عزّت ٻيهر ناهي ملندي.

ٿي سگهي ٿو ڪهاوت طور ڪنهن حد تائين هي ڳالھ دُرست به هجي، باقي الله پاڪ جي ڪرم نوازين کي ڏٺو وڃي، بزرگانِ دين جي زندگي جا حالات پڙهيا وڃن ته خبر پوندي ته جيڪڏهن ماڻهو صحيح رستو اختيار ڪري ته ويل عزّت به ٻيهر ملي ويندي آهي. ڏسو! حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وياج جي ڏي وٺ


 

 



[1] تَذْکِرَةُ الْاَوْلِیاء،نمیمہ اول،ذکر حبیب عجمی رَحمۃُ اللہ علیہ،صفحہ:56۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:105 ملتقطًا۔