Book Name:Behtreen Khatakar Kon

جميل ٿي ويندو آهي.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي توبھ جي برڪت آهي، اسان کي صرف احساس ڪرڻو آهي، اڪيلائي ۾ ويهي ڪري سوچڻو آهي: * مان دنيا ۾ آيس ڪنهن جي لاءِ ۽ ڪري ڇا رهيو آهيان * منهنجا ڏينهن رات ڪهڙن ڪمن ۾ گذري رهيا آهن؟ * منهنجون هي اکيون قرآنِ پاڪ کي ڏسڻ جي لاءِ هيون، مان هنن سان ڇا ڏسندو آهيان؟ * منهنجي زبان ذڪرُ الله ڪرڻ جي لاءِ هئي، مان هن سان ڇا ڇا ڳالهائيندو آهيان؟ * منهنجا ڪنَ تلاوت، نعت، نيڪ ڳالهيون ٻڌڻ جي لاءِ هئا، مان هنن سان ڇا ٻڌندو آهيان؟ افسوس! وقت ويجهو آهي، مَلڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام تشريف وٺي ايندا، منهنجي جسم مان روح ڇڪي ڪري ڪڍيو ويندو، پوءِ مون کي اونداهي قبر ۾ لاٿو ويندو، هاءِ! مون کي پنهنجي ربّ ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻو آهي، بَس هي احساس، ندامت، شرمندگي، سچي دل سان توبھ...! هي زندگي جي تمام الجهنُن جو حل آهي.

ٻانهي وٽ الله پاڪ جا 2 راز

   هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ارشاد فرمايو: ٻانهي وٽ الله پاڪ جا 2 راز هوندا آهن جنهن کي الله پاڪ ٻانهي جي طرف الهام فرمائيندو آهي: (1): جڏهن اهو ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر ايندو آهي ته الله پاڪ فرمائيندو آهي: اي منهنجا ٻانها! مون توکي دنيا ۾ پاڪ ۽ صاف ڪڍيو آهي ۽ زندگي ڏئي ڪري توکي ان تي امين بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي مان ڏسندُس ته تون ڪيئن ٿو امانت جي حفاظت ڪرين؟ ۽ (2): جڏهن ان جو روح نڪرندو آهي ته الله پاڪ فرمائيندو آهي: اي منهنجا ٻانها! تو پاڻ وٽ موجود منهنجي امانت سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ ڇا تو ان جي حفاظت ڪئي ته جيئن پنهنجي عهدي تي قائم رهندي مون سان ملاقات ڪرين


 

 



[1] حِلْیَۃُ الْاَوْلِیَاء،جلد:6 ،صفحہ:60۔