Book Name:Behtreen Khatakar Kon

   (3): توبھ ڪرڻ واري تي الله پاڪ جي رحمت وَسندي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَـمَنۡ تَابَ مِنۡۢ بَعۡدِ ظُلۡمِہٖ وَ اَصۡلَحَ  فَاِنَّ اللّٰہَ یَتُوۡبُ عَلَیۡہِ ؕ  (سيپارو: 6، سورة مائده: 39)

ترجمو ڪنزالعرفان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کان پوءِ توبھ ڪري ۽ پنهنجي اصلاح ڪري ته الله پنهنجي مهرباني سان ان تي رجوع فرمائيندو.

   (4): ۽ توبھ ڪرڻ وارن جو هڪ اهم ترين فائدو هي آهي ته توبھ ڪرڻ وارن جا گناھ نيڪين ۾ بدلايا ويندا آهن، الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِلَّا مَنۡ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓئِکَ یُبَدِّلُ اللّٰہُ سَیِّاٰتِہِمۡ  حَسَنٰتٍ ؕ وَ کَانَ  اللّٰہُ  غَفُوۡرًا  رَّحِیۡمًا (۷۰)

(سيپارو: 19، سورة فُرقان: آيت: 70)

ترجمو ڪنزالعرفان: پر جيڪو توبھ ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ چڱو ڪم ڪري ته اهڙن جي بُرائين کي الله نيڪين سان بدلائي ڇڏيندو ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.

   سبحٰن الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي ربّ رحمٰن ۽ رحيم جي ڪهڙي ڪرم نوازي آهي، ماڻهو توبھ ڪري ته ان جا گناھ نيڪين ۾ بدلايا ويندا آهن.

قيامت جي ڏينهن هڪ گناھگار تي ڪرم

   غيب ٻڌائڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي بارگاھِ الاهي ۾ پيش ڪيو ويندو، حڪم ٿيندو: هن جا صغيره گناھ هن تي پيش ڪيو! بهرحال هڪ هڪ ڪري ان جا گناھ پيش ڪيا ويندا، اهو هر هڪ جو اقرار ڪندو ويندو ۽ ڊڄندو هوندو ته اڃان ڪبيره جي واري اچڻي آهي. ايتري ۾ حڪم ٿيندو: تنهنجي هر گناھ جي جڳھ تي هڪ نيڪي