Book Name:Behtreen Khatakar Kon

آهي. هاڻي اهو پڪاريندو: مولا! اڃان ته تمام وڏا وڏا گناھ آهن جن جو ذڪر ئي ناهي ٿيو. حضرت ابو ذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هي فرمائي ڪري حُضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوب مُسڪرايا ايستائين جو نَواجذ (يعني مبارڪ ڏاٺون) ظاهر ٿي ويون.[1]

شبِ براءت توبھ جي رات آهي

   اي عاشقانِ رسول! توبھ نهايت وڏي نعمت آهي، اسان کي توبھ ڪندو رهڻ گهرجي. شبِ براءت تشريف وٺي اچڻ واري آهي، توبھ جي رات آهي، اُمُّ الۡمؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: سرورِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ الله شعبان جي پندرهين رات آسمانِ دنيا تي تجلي فرمائيندو آهي، بَس قبيلي بنو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ گناھگارن کي بخشي ڇڏيندو آهي.[2]

   روايتن جي مطابق شعبان جي 15 هين رات يعني شبِ براءت شروع ٿيڻ کان پهريان پوئين سال جا اعمال ويڙهيا ويندا آهن، ان ڪري هي مبارڪ رات اچڻ کان پهريان پهريان توبھ ڪري الله پاڪ کان پنهنجي گذريل گناھن جي معافي گهري وٺڻ گهرجي.

توبھ جو طريقو

اسلام جا پهريان خليفا حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شخص به گناھ ڪري پوءِ چڱي طريقي سان وضو ڪري 2 رڪعتون نماز ادا ڪري ۽ پوءِ الله پاڪ کان معافي گهري ته الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏيندو آهي. پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



[1] مسلم،کتاب الایمان،باب ادنی اہل الجنۃ منزلۃ فیہا،صفحہ:93 ،حدیث:190۔

[2] ترمذی،کتاب الصوم،باب ما جاء فی لیلۃ النصف من شعبان ،صفحہ:207 ،حدیث:739۔