Book Name:Behtreen Khatakar Kon

   ۽ ان سڀني جو بهترين حل هي آهي ته جيڪو ڪجھ شيئر ڪرڻو هجي عُلماءِ ڪرام کي ڏيکاري ڪري شيئر ڪندا ڪيو ۽ هڪ نهايت آسان حل هي آهي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي Gallery جي نالي سان هڪ آپشن آهي، ان ۾ مُفتيانِ ڪرام کان پڇيل اسلامي پوسٽون موجود آهن، اتان کان پوسٽ ڊاؤن لوڊ ڪري اها شيئر ڪريو، اهڙيءَ طرح انهيءَ ويب سائٽ تي هڪ آپشن آهي:  Public Service Messageان ۾ تمام پيارا پيارا ديني ۽ اصلاحي شارٽ ويڊيو ڪلپس موجود آهن، اهي به ڊاؤن لوڊ ڪري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ثواب ڪمائي سگهجي ٿو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڄڻ گناھ ڪيو ئي ناهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جو سبق آموز واقعو ٻڌو، ان مان هڪ اهم ترين مدني گُل هي به سکڻ جي لاءِ ملي ٿو ته ماڻهوءَ چاهي ڪيڏو به گناھ ڇونه ڪري ورتو هجي، جيڪڏهن اهو پنهنجي گناھ تي شرمنده هجي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رجوع ڪري ته الله پاڪ ان جي توبھ قبول فرمائيندو آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ رحمت نشان آهي: اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَن لَّاذَنْبَ لَہٗ گناھ کان توبھ ڪرڻ وارو اهڙو آهي ڄڻ ان گناھ ڪيو ئي ناهي.[1]

انسان تي الله پاڪ جون ڪرم نوازيون

   حضرت عبدُ الله بن عُبيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نبي اسان سڀني جي والِدِ محترم حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ


 

 



[1] ابنِ ماجہ،کتاب الزہد،باب ذکر توبہ،صفحہ:689،حدیث:4250۔