Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ڪندا ۽ شعبانُ المُعظم ۾ ڪثرت سان نفل روزا رکندا هئا، رمضان المبارڪ اچڻ کان پهريان ئي استقباليه خطبو ڏيندا هئا جنهن ۾ ماھِ رمضان جا فضائل ۽ برڪتون بيان فرمائيندا هئا.[1] پوءِ جڏهن رمضان مهيني جو چنڊ نظر ايندو هو ته چنڊ ڏسڻ جي خاص دعا پڙهندا.[2] ۽ آمدِ رمضان جون خوشخبريون ڏيندا هئا.[3]

ماہِ رمضاں جہاں میں پھر آیا                                                                                                                            مغفرت کا پیام ہے لایا

رحمتِ حق کا ہو گیا سایہ                                                                                                                                               لحظہ  لحظہ  نزولِ  رحمت  ہے[4]

  اي عاشقانِ رسول! اسان کي به گهرجي ته اسان الله پاڪ جي هن مهمان مهيني يعني رمضانُ المبارڪ مهيني جو ڀَرپور نموني سان استقبال ڪيون، رمضانُ المبارڪ جي تشريف آوري تي خوشي ملهايون، رمضانُ المبارڪ اچڻ کان پهريان ئي ان جي تياري ڪري وٺون هن مبارڪ مهمان کي سُٺي انداز ۾ ڀليڪار چئون ۽ پوءِ جيئن ئي رمضانُ المبارڪ جو چنڊ نظر اچي، بَس عبادت ۽ رياضت تي سندرو ٻڌي وٺون. رمضان المبارڪ ۾ مدني چينل تي ڏينهن رات ڪيئي ڪلاڪن جي لائيو خصوصي ٽرانسميشن(Live Special Transmission) ٿيندي آهي جن ۾ بعد نماز عصر ۽  بعد نمازِ تراويح 2 مدني مذاڪرا به ٿيندا آهن. انهن ۾ شرڪت ڪيو. فيضان رمضان ڪتاب جو مطالعو فرمايو. ان جو درس ڏيو. ٿي سگهي ته پوري ماھِ رمضان جو اعتڪاف ڪيو. نه ته گهٽ ۾ گهٽ آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري مسجدن کي آباد ڪيو ۽ پنج ئي نمازون مسجد ئي ۾ ادا فرمايو.

اي عاشقانِ رسول! پنهنجي گهرن ۾ ماھِ رمضان الڪريم جون وڌيڪ برڪتون ماڻڻ جي لاءِ پنهنجي گهر جي عورتن کي به هيءُ ذهن ڏنو وڃي ته


 

 



[1] موسوعۃ الامام ابنِ ابی الدنیا، فضائل شہر رمضان،جلد:1،صفحہ:371، حدیث:41ماخوذًا۔

[2] کتاب الدعاء للطبرانی،باب القول عند دخول رمضان ،جز:5 ،صفحہ:311 ،حدیث:912ماخوذًا۔

[3] مصنف ابنِ ابی شیبہ،کتاب الصیام، باب ما ذکر فی فضل رمضان …الخ،جلد:2 ،صفحہ:419 ،حدیث:1 ماخوذًا۔

[4] وسائلِ فِردَوس،صفحہ:29۔