Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

رمضان آهي. هي ڪجھ طريقا اپنائينداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ماھِ رمضان جون خوب برڪتون نصيب ٿينديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته مغفرت جي خيرات به مِلي ئي ويندي.

یاخُدا  ماہِ رمضاں کے صدقے                                                                                                                    سچی توبہ کی توفیق دیدے

نیک بن جاؤں  جی چاہتا ہے                                                                                                                     یاخُدا تجھ سے میری دعا ہے!

آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رمضان

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي، احمدِ مُجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضانُ المبارڪ سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زندگي مبارڪ ۾ ماھِ رمضانُ المبارڪ کي هڪ خاص اهميت حاصل هئي، اسان جا پيارا آقا، محمدِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضانُ المبارڪ ڪيئن گذاريندا هئا؟ اچو! هن حوالي سان پاڻ سڳورن جون پياريون پياريون ادائون ٻڌون ٿا، جيڪڏهن اسان انهن مبارڪ نبوي ادائن کي اپنايون ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ماھِ رمضان جون برڪتون ميڙڻ ۽ مغفرت جي خيرات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

(1): ماھِ رمضان جو  استقبال فرمائيندا هئا

  اسان جي  پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري هڪ ادا هي آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماھِ رمضان جو ڀرپور طريقي سان استقبال ڪندا هئا.[1] پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هئي ته رجبُ المُرجب کان ئي رمضانُ المبارڪ تائين پهچڻ جون دعائون فرمائڻ شروع ڪري ڏيندا هئا پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماھِ رمضان جي پاڙيسري يعني ماھِ شعبان جو تمام گهڻو قدر


 

 



[1] لطائف المعارف ،صفحہ:204 ماخوذًا۔