Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

طرح رمضانُ المبارڪ ۾ ڪثرت سان استغفار ڪرڻ سان به بخشش جي خيرات ملندي آهي. جڏهن ڳالھ اهڙي آهي ته هن مُقدس مهيني ۾ مغفرت ۽ بخشش جا سڀئي سامان جمع آهن، ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪو شخص محروم رهجي وڃي، پنهنجي مغفرت نه ڪرائي سگهي ته يقيناً اهو وڏو محروم آهي.[1]

ماھِ رمضان ۾ مغفرت جا اسباب

 الله پاڪ اسان کي ان محرومي کان محفوظ فرمائي. اسان رمضان جي مهيني ۾ مغفرت ڪيئن ڪرائي سگهون ٿا؟ ان جي لاءِ (1): سڀ کان پهريون ڪم هي ڪرڻو آهي ته رمضانُ المبارڪ جي اچڻ کان پهريان پهريان اسان سچي پڪي توبھ ڪري وٺون ته جيئن گناھن کان بلڪل پاڪ صاف ٿي ڪري رمضانُ المبارڪ جو استقبال ڪري سگهون (2): رمضان جي مهيني ۾ ڏينهن جو روزو ۽ رات جو قيام (مثال طور پوريون 20 رڪعتون تراويح، تهجد ۽ ٻيا نوافل وغيره) هرگز نه ڇڏيون (3): نفسِ اماره جي خواهشن کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيون (4): ماھِ رمضان ۾ ڪجھ نه ڪجھ اهڙو وقت ضرور ڪڍون جو جنهن ۾ ڪوبه ڪم نه هجي، دل دنياوي خيالن کان بلڪل صاف هجي ۽ اسان پوري توجھ سان صرف ۽ صرف ذڪر ۽ دُرود ڪيون (5): غريبن، فقيرن ۽ مسڪينن جو خيال رکو، الله پاڪ وسعت ڏني آهي ته دل کولي ڪري غريبن تي خرچ ڪيون (6): تقوٰي اپنائڻ يعني روزن جي باطني آدابن جو لحاظ رکڻ ۽ گناھن کان بچڻ جي ڀَرپور ڪوشش ڪيون (7): رمضانُ المبارڪ جي هر طرح جي بي ادبي کان بچندا رهون (8): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون (9: خوب تلاوت ڪيون (10) نعتون پڙهو (11): نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ جلدي ڪيون (12): ۽ سڀ کان اهم ڳالھ: اسان پنهنجو هي ذهن بڻائي رکون ته هي منهنجي زندگي جو آخري


 

 



[1] لطائف المعارِف ،صفحہ:287ملتقطًا۔