Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

(3): عبادت جي لاءِ تيار رهندا هئا

   پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي امڙ سانئڻ حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْهنا فرمائن ٿيون: جڏهن رمضانُ المبارڪ ايندو هو ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عبادت ۾ تمام گهڻو مشغول ٿي ويندا هئا.[1]

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو...!! ڪاش! اسان به پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حسين ادا اپنايون، جيئن ئي رمضانُ المبارڪ اچي صرف عبادت ۾ مشغول ٿي وڃون، پورو رمضان جو مهينو خوب مضبوطي سان عبادت ڪيون.

عبادت میں  ، ریاضت میں  ، تلاوت میں   لگا دے دل

مہِ رمضان کے صدقے میں فرمادے کرم مولیٰ!

رمضان نيڪين جو   سيزن  آهي

   اي عاشقانِ رسول! رمضان جو مهينو نيڪين ڪرڻ جو مهينو آهي پر افسوس! اسان وٽ رمضان ۾ ماڻهو پنهنجيون مصروفيتون وڌائي ڇڏيندا آهن. رمضانُ المبارڪ ڪاروباري حضرات جي لاءِ ڪمائي جو مهينو هوندو آهي، ماھِ رمضان ۾ بازارن ۾ رش وڌي ويندي آهي، جوتن، ڪپڙن جي دڪانن تي تمام گهڻي رش لڳندي آهي، ايئن دڪاندارن جي مصروفيت به وڌي ويندي آهي. معاذَالله! ڪجھ نادان انهيءَ مصروفيت سبب فرض روزا به ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن، نمازون ڇڏي ڏيندا آهن.

  هاءِ! افسوس اسان عيدالفطر جي هڪ ڏينهن جي لاءِ پورو رمضان تياري ڪندا آهيون پر رمضانُ المبارڪ جو پورو مهينو ڪيئن گذارڻو آهي، ان جي


 

 



[1] شُعَبُ الْایمان، جلد:3 ،صفحہ:310 ،حدیث:3624.