Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

رمضان ماھِ نُزولِ قرآن

   اي عاشقانِ رسول! رمضانُ المبارڪ جو به ڇا ته نرالو شان آهي...!! اهو ئي مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ انسانيت جي هدايت جي لاءِ آخري آسماني ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم نازل ٿيو: الله پاڪ فرمائي ٿو:

شَہۡرُ رَمَضَانَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ فِیۡہِ الۡقُرۡاٰنُ ہُدًی لِّلنَّاسِ وَ بَیِّنٰتٍ مِّنَ الۡہُدٰی وَ الۡفُرۡقَانِ ۚ   فَمَنۡ شَہِدَ مِنۡکُمُ الشَّہۡرَ فَلۡیَصُمۡہُ ؕ

(سيپارو: 2، سورة بقرة: 185)

ترجموڪنزالعرفان: رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي آهي ۽ فيصلي جي روشن ڳالهين (تي مشتمل آهي) پوءِ توهان مان جيڪو اهو مهينو ماڻي ته ضرور ان جا روزا رکي.

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 2، سورة بقرة جي آيت نمبر 185 جو هڪ حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيتِ ڪريمه ۾ رمضانُ المبارڪ جو هڪ خصوصي تَعارف پيش ڪيو ويو ته فرض روزن جي لاءِ هڪ مهينو مخصوص آهي ۽ اهو مبارڪ مهينو ماھِ رمضان آهي.

 جنّت ۾ پهريان وڃڻ جو سبب

   پيارا اسلامي ڀائرو! ماھِ رمضان ماڻي وٺڻ، رمضانُ المُبارڪ جي بابرڪت، مُقدس گهڙين تائين پهچي وڃڻ نهايت سعادت جي ڳالھ آهي. تمام وڏي مرتبي وارا صحابيءِ رسول حضرت طلحه بن عبيد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري 2 شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، ٻنهي ڪلمو پڙهيو ۽ صحابيت جي درجي تي فائز ٿي ويا، (ٻئي نيڪ، پرهيزگار هئا، البت) انهن مان هڪ عبادت ۽ رياضت ۾ تمام گهڻي محنت ڪندو هو، جيئن ته جيڪو گهڻو عبادت گذار هو، اهو هڪ ڀيري ڪنهن جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو. پوءِ هڪ سال کان بعد ٻئي