Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

مسواڪ (ڏندڻ) ڪرڻ جون سنّتون ۽ آدابَ

ٻه فرامينِ مصطفٰيصَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ آَهي: (1) ٻه رڪعتون ڏندڻ ڏئي ڪري پڙهڻ بنا مسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهي.[1] (2) ڏندڻ  جو استعمال پنهنجي پاڻ تي لازم ڪريو ڇوته هن ۾ وات جي صفائي ۽ ربّ جي رضا جو سبب آهي.[2]

 اي عاشقانِ رسول! حضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ هر رات کوڙ ڀيرا ڏندڻ ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ وقت به ۽ جاڳڻ وقت به بنا سٺي نيّتن جي ڏندڻ جا طبي فائده (Physical Benefits) حاصل ته ٿيندا پر ثواب نه ملندو. مثال طور وُضو جي لاءِ ڏندڻ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيّتون ڪري وٺو: رضاءِ الهي، سنّت جي ادائگي ۽ ذڪر ۽ درود جي لاءِ پنهنجي وات کي صاف رکڻ جي لاءِ ڏندڻ ڪندس مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڏندڻ جو عادي هجي مرڻ وقت ان کي ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿيندو. حضرت عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُما کان روايت آهي ته ڏندڻ ۾ 10 خوبيون (Qualities) آهن: وات صاف ڪندو آهي، مهارن (Gums)کي مضبوط بڻائيندو آهي، نظر وڌائيندو، بلغم (PHLEGM) ختم ڪندو آهي، وات جي ڌپ دور ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، ملائڪ خوش ٿيندا آهن، ربّ راضي ٿيندو آهي، نيڪي وڌائيندو ۽ معدو(Stomach) درست ڪندو آهي. ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ هن طرح پڪڙيو جو ننڍي آڱر ان جي هيٺيان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿي ۽ آڱوٺو چوٽيءَ تي هجي. ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه ڇوته هيءُ سنّت ادا ڪرڻ جو آلو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي ڪري سمنڊ


 

 



[1] اَلتَّرغِیْب وَالتَّرہیب، كتاب: الطہارۃ، الترغیب فی السواک، صفحہ:86، حدیث:18۔

[2] مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔