Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

جي توفيق بخشي، موت جو ته ڪو ڀروسو ناهي، خبر ناهي ايندڙ ساھ به کڻي سگهنداسين يا نه، ڪيترا ئي اهڙا هوندا جيڪي گذريل سال ته رمضان مهيني ۾ اسان سان گڏ هئا، پر اهي هن سال ناهن، الله ڪري اسان کي ايتري مهلت نصيب ٿئي ۽ اسان خير ۽ عافيت سان ماھِ سبحان، ماھِ نزولِ قرآن، پياري پياري مهيني، ماھِ رمضان تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

میں رمضانُ المبارک پاؤں، روزے سارے رکھ پاؤں

تُو رکھ زندہ سلامت، ماہِ رمضان آنے والا ہے

اِلٰہی عافیت دینا،سلامت دِل عطا کرنا

عطا  کر  دے  تُو  صِحَّت، ماہِ  رمضان آنے والا ہے[1]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

هاءِ! مغفرت کان محروم رهجي وياسين  ته...!!

 پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً ماھِ رمضان نصيب ٿي وڃڻ تمام وڏي سعادت آهي پر اُن کان وڏي سعادت جي ڳالھ هي آهي ته ماڻهو ماھِ رمضان کي لهي ۽ ان جي خوب عزت ڪري. روزا رکي ڪري. خوب تلاوت ڪري. وڌ کان وڌ نيڪ اعمال ڪري. توبھ ۽ استغفار ڪري پنهنجي مغفرت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. هاءِ! اهو نادان جيڪو هن مغفرت، رحمت ۽ جهنّم کان آزادي جي مهيني ۾ به پنهنجي مغفرت ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، اهو سخت محروم آهي. حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ته مون رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: هي رمضان توهان وٽ اچي ويو آهي. هن ۾ جنّت جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جهنّم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن ۽ شيطانن کي قيد ڪيو


 

 



[1] وسائلِ فِردَوس ،صفحہ:25 بتقدیم و تاخیر۔