Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

تجهيز ۽ تڪفين ايپليڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄوڪو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، الحمدلله!عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمارٽ فون(Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T  ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف ايپلي ڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهي، جنهن مان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن آهي: Muslim's Funeral هن موبائل ايپليڪيشن ۾ مَيَّت جي غسل ۽ ڪفن ۽ دفن وغيره جي بابت اهم ترين معلومات ڏني وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ هي آهي ته مَيَّت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي؟ ان جي عملي طريقي جي لاءِ Animated Videos به شامل ڪيا ويا آهن. توهان به هي موبائل ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] تاریخ ِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔