Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

تياري هڪ ڏينهن به ناهيون ڪندا. رمضانُ المبارڪ واقعي سيزن آهي پر مال ڪمائڻ جو نه بلڪه هي نيڪين ڪمائڻ جو سيزن آهي نهايت مضبوطيءَ سان عبادت ڪرڻ جو سيزن آهي، ڏسو! اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  عبادت تي سندرو ٻڌي تيار ٿي ويندا هئا يعني عام روٽين کان وڌيڪ عبادت فرمائيندا هئا.

اندازو لڳايو! آقا ڪريم، رؤف الرّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ هڪ گهڙي عام حالتن ۾ به نيڪيون ڪندي ئي گذرندي هئي ته رمضانُ المبارڪ ۾ عبادت جي ڪثرت ڪيتري قدر فرمائيندا هوندا. ٻئي پاسي اسان جو حال ڇا آهي...؟ عام ڏينهن جي عبادت به بَس ائين ئي آهي...!! خوش نصيب آهن، جيڪي پنج ئي نمازون باجماعت پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، نه ته هڪ تعداد آهي جيڪي نمازِ باجماعت کان به محروم رهندا آهن.

   بهرحال! اسان رمضان جي عبادت ۾ اضافو ڪنداسين، پهريان 5 نمازون پڙهندا هئاسين * هاڻي تراويح به پڙهنداسين.  * تهجد به شروع ڪنداسين. * اشراق ۽ چاشت جا نوافل به پڙهنداسين. * اوّابين جا نوافل به ادا ڪنداسين  * رات سمهڻ کان پهريان صلٰوةُ التّوبھ جا نفل به پڙهي ڪري سمهنداسين. * اهڙيءَ طرح پهريان 313 ڀيرا دُرود شريف پڙهندا هئاسين، رمضان شريف ۾ 1000 (هڪ هزار) ڀيرا پڙهنداسين. * پهريان روزانو هڪ سيپارو تلاوت ڪندا هئاسين، رمضانُ المبارڪ ۾ 2 سيپارا تلاوت ڪنداسين، ايئن اسان جي عام ڏينهن ۾ جيڪا روٽين آهي رمضانُ المبارڪ ۾ ان ۾ اضافو هئڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي.

رمضانُ المبارڪ جون  2 اهم عبادتون

   مسلمانن جي امڙ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: جڏهن رمضان