Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

فلاحي، روحاني، خيرخواهي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ خرچ ڪري سگهي ٿو.

الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

دعوتِ اسلامی  کی  قَیُّوم،

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ             سارے  جہاں  میں مچ  جائے  دُھوم

یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي. الحمدلله! دعوتِ اسلامي نيڪ، نمازي بڻائڻ واري، دنيا ڀَر ۾ سنّتن کي عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪم به خوب ذوق ۽ شوق سان ڪندا ڪريو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال به آهي. هي مختصر رسالو مڪتبةالمدينه کان طلب ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني گهرو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amal ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو. اچو!