Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ کان پهريان بلڪه هميشه جي لاءِ مسجدِ بيت(يعني گهر ۾ عبادت جي لاءِ جڳھ) کي مختص ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ عبادت ڪرڻ شروع ڪيو، پنهنجي محارم سان گڏ ذڪر و درود ۽ نوافل جو اهتمام اڄ کان ئي ڪيو اسلامي ڀينرون آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف انهي مسجدِ بيت ۾ ڪن. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! رمضان المبارڪ جون خوب خوب برڪتون ملنديون

مصر جي هڪ شهر  ۾ استقبالِ رمضان جو عجيب انداز

   رمضان مهيني جو ڀرپور طريقي سان استقبال ڪرڻ مسلمانن جو معمول رهيو آهي، مشهور سِيّاح ابنِ بَطّوطه لکي ٿو: 727 هجري جي ڳالھ آهي، مان مصر جي هڪ شهر ۾ هيس، شعبانُ المعظم جي 29 تاريخ هئي، اتان جي قاضي صاحب قاضي عزّالدّين جي گهر خوب اهتمام ٿي رهيو هو، شام جي وقت وڏا وڏا عالم سڳورا ۽ رَئيس ماڻهو قاضي جي گهر جمع ٿيڻ شروع ٿيا، دروازي تي هڪ شاهي نوڪر بيٺو هو جيڪو پرجوش طريقي سان مهمانن جو استقبال ڪري رهيو هو، عُلماءِ ڪرام تشريف وٺي ايندا ۽ پنهنجي پنهنجي جڳھ تي ويهندا ويندا هئا، جڏهن سڀ اچي چڪا ته قاضي صاحب تشريف وٺي آيو، هاڻي اهي سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي سوارين تي سوار ٿيا، شهر جا ٻيا ماڻهو انهن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳا، قاضي صاحب جي قيادت ۾ هي قافلو ڌوم ڌام سان روانو ٿيو، هلندي هلندي هي قافلو شهر کان ٻاهر هڪ بُلند جڳھ پهچي ويو، ان هنڌ قالين وڇايل هئا، سڀئي پنهنجي سوارين تان هيٺ لٿا، مغرب جو وقت ويجهو هو، سڀني رمضان جي مهيني جي چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، چنڊ ڏسڻ کان بعد مغرب جي نماز اتي ئي ادا ڪئي وئي، نماز کان بعد هي قافلو شهر جي طرف روانو ٿيو، هاڻي ماڻهن جي هٿن ۾ ميڻ بتيون، ڏيئا ۽ فانوس هئا، ان پياري انداز سان سڀئي ماڻهو قاضي صاحب جي گهر تائين آيا، پوءِ پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا. انهن وٽ هر سال رمضان مهيني جي استقبال جو اهو ئي انداز هو ۽ اهي ماڻهو هن کي يومُ الرُّڪبه (يعني سواري جو